چنائي -04 جولائي (اي پي پي ) ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي – 20 ميچ( اڄ ) 5 جولائي تي چدمبرم اسٽيڊيم چنائي ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز ميزبان ڀارتي وومين ٽيم 0-3 تان پنهنجي نالي ڪڪري چڪي آهي . ڀارتي وومين ٽيم 16 جون تي ايم چنا سوامي اسٽيڊيم بينگلور ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم کي 143 رنسن تا شڪست ڏني هئي. 19 جون تي کيڏيل ٻي ميچ ۾ 4 رنسن جڏهن ته 23 جون تي کيڏيل ميچ ۾ مهمان ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئيپ ڪئي هئي. ان کانپوءِ ڀارتي وومين ٽيم واحد ٽيسٽ ميچ ۾ به ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم کي 10 وڪيٽن تان هارايو. ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 5 جولائي، ٻي ميچ 7 جولائي، ٽئين ۽ آخري ميچ 9 جولائي تي کيڏي ويندي. هرمن پريت ڪور ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي ڪندي جڏهن ته مهمان ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم لورا وولوار ڊٽ جي اڳواڻي هيٺ ميدان ۾ لهندي . ٽئي ٽي – ٽوئنٽي ميچون ايم چناسوامي اسٽيڊيم بنگلور ۾ کيڏيون وينديون.