لنڊن _ 4 جولاءِ (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – 20 عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ڪرڪيٽ ميچ 6 جولاءِ تي دي روز بائول ، سائوٿ ٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي . ان کان اڳ ٻنهن ٽيمن جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ ميزبان انگلينڊ عورتاڻي ٽيم مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 3-0 تان وائيٽ واش ڪيو هو . انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي عورتاڻي ٽيم کي 9 وڪيٽن ، ٻي ون ڊي ميچ ۾ 8 وڪيٽن جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ان کان علاوه مهمان نيوزيلينڊ جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي دوري دوران ميزبان انگلينڊ جي ٽيم خلاف 5 ٽي – 20 ميچن جي سيريز پڻ کيڏندي.