اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان سرويون رچرڊ يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان جو کاٻي هٿ وارو تيز بالر شاهين شاهه آفريدي 5 آڪٽوبر 2023ع کان 19 نومبر تائين ڀارت ۾ شيڊول ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ نمايان وڪٽون وٺڻ وارو بالر هوندو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ (آءِ سي سي) جي آفيشل انسٽا گرام اڪائونٽ تي هڪ ويڊيو ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته آفريدي جي اهم پيش رقت کي نوٽ ڪيو آهي. ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪٽون وٺڻ وارو بالر شاهين شاهه آفريدي هوندو.