اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ورڪرز جي اهتمام هيٺ بلوچستان جي صحافين جي لاءِ تربيتي ورڪشاپ جو اهمتام ڪيو ويو جنهن جو خاص مهمان پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي هو. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي محمد عاصم کچي چيو ته صحافت جو شعبو اسان جي قومي زندگي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، خاص طور تي بلوچستان جي صحافين جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام انتهائي خوشي جوڳو قدم آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل جي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پنهنجي محرومين کي ڪمزوري نه بڻائڻ گهرجي پر پنهنجي ڪم جي ذريعي اڳتي وڌڻ گهرجي. محمد عاصم کچي چيو ته صحافت جو شعبو قومي يڪجهتي جي فروغ ۾ تمام اهم ڪردار رکندڙ آهي، اميد آهي بلوچستان جي صحافين جي لاءِ منعقد تربيتي ورڪشاپ سان ان مقصد کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ ڀائيچاري جي فضا برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ورڪشاپ ۾ شريڪ بلوچستان جا صحافي پنجاب ۽ وفاق مان پيار ۽ محبت جو پيغام کڻي ويندا ۽ اهو پيغام انهن جي لکڻين جي ذريعي عوام تائين پهچندو. تربيتي ورڪشاپ ۾ پي ايف يو جي ورڪرز جي صدر پرويز شوڪت چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي صحافين کي اسلام آباد ۾ تربيتي ورڪشاپ جا تمام گهٽ موقعا ملن ٿا، منهنجو مقصد ذميواراڻي صحافت کي اجاگر ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ بلوچستان جي صحافين کي وفاق ۾ دعوت ڏيڻ ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جي صحافين سان مٽاسٽا جي ذريعي يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته وڌندڙ فاصلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مستقبل ۾ سڄي ملڪ جي صحافين جي لاءِ وڏي ورڪشاپ جو انعقاد ڪيو ويندو.