اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان سان لاڳاپيل سياسي اڳواڻن جي وفد نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان مُلاقات ڪئي، وفد ۾ سردار اسلم بزنجو، مير خالد لانگو، مير عاصم ڪرد گيلو ۽ مير وليد بزنجو شامل هُئا. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ معيشت جي بحالي جي قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.