اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اينرٽيڪ ڪويت جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري اينرٽيڪ پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اينرٽيڪ هولڊنگ ڪويت جي ايمرجنگ مارڪيٽس هيڊ ياسر ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ياسر ملڪ وزيراعظم کي اينرٽيڪ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم اينرٽيڪ ڪويت جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري اينرٽيڪ پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائيندو.