اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڀارتي جارحيت جي خلاف انتهائي ذميواراڻي ۽ پختي ردعمل جو مظاهرو ڪيو، ٻن ائٽمي رياستن جي وچ ۾ ٽڪراءُ عالمي برادري جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ عدم استحڪام ڄمون ۽ ڪشمير جي حل طلب تڪرار جو نتيجو آهي، عالمي برادري پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت کي پاڪستان جي خلاف نام نهاد دهشتگردي جي ڪوڙي بيانيي کي استعمال ڪرڻ کان روڪي ۽ پاڪستان جي حمايت ڪري، پاڪستان ۽ ڀارت جنگبندي جي مفاهمت تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته لاڳاپيل اڳڀرائي کي صحيح تناظر ۾ رکڻ ضروري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب عالمي سرحد پار ڪيترين ئي جاين تي براهموس ميزائلن جي فائرنگ جي جواب ۾ پاڪستان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي اشتعال انگيز ۽ غيرقانوني ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻو پيو. انهي مناسبت سان پاڪستان ڇنڇر جي صبح سوير ”آپريشن بُنيان المرصوص“ جي شروعات ڪئي. بيان موجب بنا ڪنهن ثبوت ۽ عالمي جاچ ڪندڙن پاران غيرجانبدار، شفاف ۽ اعتماد جوڳي جاچ جي پاڪستان جي آڇ کي نظرانداز ڪندي ڀارت 7 – 10 مئي 2025ع جي راتين ۾ ڪيترائي حملا ڪيا جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت معصوم جانين جو نقصان ٿيو. انهن انڌاڌنڌ حملن عبادتگاهن سميت انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ درجنن کي شديد زخمي ڪيو. جيتوڻيڪ 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ٿيندڙ وحشياڻي جارحيت، ميزائيلن ۽ ڪلر ڊرونز جي ذريعي پاڪستان جي خودمختيار فضائي حدن جي خلاف ورزي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ انساني ۽ مادي نقصان اڳ ۾ ئي ڪافي سنگين هئا، ڀارت وفاقي گادي واري شهر سميت پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪيترائي اضافي ڊرونز موڪلي علائقائي امن ۽ استحڪام کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو. انهن قاتل ڊرونز، گولا باري ۽ ميزائيلن ڪيترن ئي شهري ۽ فوجي اثاثن کي نشانو بڻايو، جنهن سان وڌيڪ انساني ۽ مادي نقصان ٿيو ۽ پاڪستاني عوام ۾ عدم تحفظ جو شديد احساس پيدا ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي دفاع ۾ فوري ردعمل جو عوامي مطالبو وڌي ويو. اسان جي ايئر بيسز کي نشانو بڻائيندي ڪيترائي ميزائيل پڻ فائر ڪيا ويا. بيان ۾ چيو ويو ته ڀارتي جارحيت ۽ مسلسل اشتعال انگيزين کي منهن ڏيڻ جي باوجود پاڪستان انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ان کي پنهنجي ماڻهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جواب ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. مسلسل اشتعال انگيزين جي باوجود اسان جي ردعمل ڄاڻي واڻي شهري مارجڻ کان پاسو ڪيو ۽ اهو درست ۽ واضح طور تي تحمل تي ٻڌل هو. رڳو انهن ادارن ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو جن پاڪستان جي خلاف کليل جارحيت ڪئي. انهن هدفن ۾ اهي ڀارتي ايئربيس به شامل هئا جتان پاڪستاني ايئربيس کي اشتعال انگيز ميزائيل حملن جو نشانو بڻايو ويو. ان حوالي سان ناقابل ترديد ثبوت اڳ ۾ ئي عالمي برادري سان شيئر ڪيا ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان موجب ٻن ائٽمي هٿيارن سان ليس رياستن جي وچ ۾ اهو خطرناڪ ٽڪراءُ عالمي برادري پاران گهري مشاهدي ۽ هڪ جامع جائزي جو گهرجائو آهي. ڏکڻ ايشيا جي غيرمستحڪم خطي ۾ ٻن پاڙيسري رياستن جي وچ ۾ گهري تاريخي اختلافن جو معاملو هجڻ کان هٽي ڪري تڪرار کي مسابقتي جاگرافيائي سياسي مفادن جي وسيع تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. بيان ۾ زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ عدم استحڪام ڄمون ۽ ڪشمير جي حل طلب تڪرار جو نتيجو آهي. اهو تڪرار ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ جائز جدوجهد کي دٻائڻ ۽ ان کي دهشتگردي سان غلط طريقي سان منسوب ڪرڻ سان اڃا وڌي ويو آهي. بيان موجب ڀارت اولهندي سرحدن سان دهشتگردي جي خلاف جنگ جي لاءِ پاڪستان جي زبردست عزم کي محسوس ڪندي پاڪستان جي خلاف هڪ شديد هائبرڊ مهم هلائي ۽ ان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پراڪسيز جي ذريعي دهشتگردي جو منصوبو ٺاهي ان سمجهي ويندڙ ڪمزوري مان فائدو کڻڻ جي ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪندو رهيو آهي. نائين اليون کانپوءِ ڀارت جي فوجي اشتعال انگيزين کي انهي روشني ۾ ڏسڻ گهرجي. دهشتگردي جو شڪار هجڻ جي باوجود اهڙي طرح جي مڪروهه حربن جي ذريعي پاڪستان کي مسلسل ٻن محاذن جي صورتحال جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته جيئن اندروني مسئلن ۾ الجهليل رهي ۽ پنهنجي ترقي سان گڏوگڏ پنهنجي معاشري جي بحالي تي ڌيان نه ڏئي سگهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن به پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي فيصلائتي طور تي ختم ڪرڻ جي ويجهو هوندو آهي ته ڀارت دهشتگردي جي ”مرڪز“ جي طور تي پاڪستان جي خلاف بي بنياد پروپئگنڊه شروع ڪري ڇڏي ٿو. ٻن ڏهاڪن کان جاري اهو شيطاني چڪر هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت کي پاڪستان مان نام نهاد دهشتگردي جي ڪوڙي بيانيي کي استعمال ڪرڻ کان روڪي. مستقبل جي حوالي سان پاڪستان کي عالمي برادري جي لاتعلقي نه پر حمايت جي ضرورت آهي. پاڪستان ڀارت سان تعميري سفارتڪاري ۽ جامع ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿيڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سميت سمورن مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. بيان موجب قومي طاقت جا سمورا عنصر پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، اسان جي هٿياربند فوج ملڪ، ان جي شهرين جي دفاع ۽ پاڪستان جي اهم قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جي ذميواري رکندڙ آهي. اهو فرض پاڪستان جي قابل فخر، پرعزم، بهادر ۽ غيرتمند عوام جي هڪ مقدس امانت آهي. علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان انتهائي ذميواراڻي ۽ پختي ردعمل جو مظاهرو ڪيو ڇو ته ٻن ائٽمي رياستن جي وچ ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ سان تباهي آڻيندڙ نتيجا سامهون ايندا تنهن ڪري اهڙي طرح جي خطرناڪ موقف کان پاسو ڪرڻ گهرجي.