اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي جي هاءِ ريپريزنٽيٽو/ ڪميشن جي نائب صدر ڪايا ڪالاس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ڪايا ڪالاس پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي خوشي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ڪالهه ڇنڇر ڏينهن جاري بيان موجب هنن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.