اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ جي ڏينهن طئي ٿيندڙ جنگبندي جي معاهدي تي مخلصاڻي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهيون، جيتوڻيڪ ڪجهه علائقن ۾ ڀارت پاران خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن، پر اسان جي فوج ذميواري ۽ ضبط ۽ تحمل سان صورتحال کي سنڀالي رهي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جي جنگبندي جي خلاف ورزين بابت بيان سان لاڳاپيل ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جنگبندي تي موثر عملدرآمد بابت ڪنهن به مسئلي کي مناسب سطح تي رابطي جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. زميني سطح تي مقرر فوج کي به تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.