اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخي فتح تي قوم کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر ۽ پيشيواراڻي هٿياربند فوج شرمناڪ ۽ کلي جارحيت تي دشمن کي سندس ئي زبان ۾ موثر ۽ ڀرپور جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو سنهري باب لکي ڇڏيو آهي ۽ دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪ فضائيه جي شاهينن اسان جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو، اها اسان جي غيرت ۽ اصولن جي فتح آهي، اها پاڪ فوج سان گڏوگڏ خوددار، غيرتمند ۽ باوقار پاڪستاني قوم جي ڪاميابي آهي، پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، اسان خطي جي ڪروڙين عوام جي مفاد ۾ جنگبندي جي تجويز جو مثبت جواب ڏنو آهي، ڪامل يقين آهي ته پاڻي وسيلن جي ورڇ، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي انصاف جي گهرجن موجب حل ڪرڻ جي لاءِ پرامن ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو ويندو. قوم کي خطاب ڪندي هن چيو ته محب وطن باوقار پاڪستانيو توهان کي سلام ۽ مبارڪباد ڏيان ٿو، توهان دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستاني هڪ خوددار ۽ غيرتمند قوم آهي. اسان جي عزت، اسان جو وقار ۽ خودداري اسان کي پنهنجي زندگيء کان به وڌيڪ پياري آهي. ڪير اسان کي خودمختياري کي چئلينج ڪري ته اسان پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وڃون ٿا ۽ ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي دشمن تي غالب اچون ٿا. وزيراعظم چيو ته تازن ڏينهن ۾ دشمن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو بزدلاڻو ۽ شرمناڪ فعل هو اها کلي جارحيت هئي جنهن جو اسان جي دلير ۽ بهادر فوج پيشيواراڻي انداز ۾ موثر ۽ ڀرپور جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو هڪ سنهري باب لکيو. وزيراعظم قوم کي مخاطب ڪندي چيو ته پهلگام واقعي کي بهانو بڻائي ڀارت اسان تي بنا جواز جنگ مڙهي. اسان بنا دير جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي. ڀارت جي بي بنياد الزامن تي انتهائي تحمل ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو پر هن پنهنجي گهمنڊ ۾ اسان جي سرحدن جي حرمت کي پائمال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. ڊرون حملن ۽ ميزائلن سان معصوم جانين، مسجدن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائي اسان جي صبر جو امتحان ورتو. فوجي ٺڪاڻن ۽ پاڻي ذخيرن کي پڻ نشانو بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي جنهن تي اسان فيصلو ڪيو ته دشمن کي ان زبان ۾ جواب ڏنو وڃي جنهن کي هو چڱي طرح سمجهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان واضح ڪري ڇڏيو ته جيڪا ملاقات ميز تي ٿيڻي هئي هاڻي جنگ جي ميدان ۾ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پيارا پاڪستانيو اسان جا بهادر ۽ جوشيلا جوان جن کي مائرون رب العزت آڏو سجدن ۾ گهري وطن جي مٽيءَ تي قربان ٿيڻ جي لاءِ جوان ڪن ٿيون جن جو رت جنگ جي ميدان جي تپش سان نه دشمن جي ناپاڪ ارادن سان ٽهڪندو آهي. هي اهي بهادر سپوت جيڪي لفظ هار کان واقف ئي نه آهن. انهن بهادرن جو مقابلو ڪير ڪري سگهي ٿو. حملو ڪرڻ، پلٽڻ، پلٽي وري حملو ڪرڻ وانگر انهن شاهينن ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ڀارتي فوج جي توپن کي اهڙو خاموش ڪيو جنهن کي اهي سدائين ياد رکندا. هن چيو ته دشمن جا فوجي اڏا، هٿيارن جا انبار ۽ ايئر بيسز اک ڇنڀ ۾ سڀ کنڊر بڻجي ويا. انهن جا رافيل اسان جي شاهينن جي نشاني تي آيا ۽ الله جي فضل سان ناڪام ٿيا. اسان جي اها ڪارروائي ان بوسيده نظريي جي خلاف هئي جيڪا انساني دشمني، جارحيت، مذهبي جنون ۽ تعصب تي قائم آهي. اها اسان جي غيرت ۽ اصولن جي فتح آهي. وزيراعظم چيو ته اسان دشمن سان اهو ئي ڪيو جيڪو هڪ باوقار قوم کي زيب ڏي ٿو. اها پاڪ فوج جي ڪاميابي سان گڏوگڏ پوري پاڪستاني قوم جي فتح آهي. هي شڪر جو عظيم لمحو آهي جنهن جي لاءِ 24 ڪروڙ عوام پنهنجي شاهين ۽ شيرن تي والهاڻي محبت جا گل نڇاور ڪيا. پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي. توهان تهجد جي وقت سجدي ۾ رهيا ۽ ڏينهن رات دعائون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ پنهنجي ڪمال مهرباني سان توهان کي شاندار فتح سان نوازيو آهي. وزيراعظم چيو ته الحمدالله اُن رب ذوالجلال جو جيترو به شڪر ڪريون اهو گهٽ آهي. منهنجا بزرگو ۽ ڀائرو آئون ان تاريخي ڪاميابي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، هٿياربند فوج جي سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف، پنهنجي هر بهادر جوان ۽ هر آفيسر کي خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته آئون ان موقعي تي پنهنجي ۽ قوم پاران جنرل سيد عاصم منير جا دل جي گهراين سان ٿورا ادا ڪريان ٿو جنهن جي دانشمنداڻي ۽ دليراڻي قيادت ۾ اها عظيم فتح ملي. آئون ان سان گڏوگڏ چيف آف ايئر اسٽاف ظهير بابر ۽ ان جي شاهينن کي وڏي گرمجوشي سان شاباس ڏيان ٿو جن اسان جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته شهيد ارتضيٰ عباس هڪ اهڙو خوبصورت گل هو جيڪو ٽڙڻ کان اڳ ئي مُرجهائجي ويو. اهڙي طرح آئون هر شهيد جي ماءُ کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن پنهنجا ٻار ۽ ٻارڙيون وطن تي قربان ڪري نئين تاريخ لکي. آئون هتي سمورين اتحادي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين سميت سڄي ملڪ جي سياسي قيادت ۽ پارليامينٽرين جا دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو جن بي مثال اتحاد ۽ تاريخي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪيو. آئون پنهنجي قائد محمد نواز شريف جي مدبراڻي قيادت ۽ تجربه ڪار رهنمائي ۽ صدر آصف علي زرداري جي مشاورت تي خاص طور تي ٿورا ادا ڪريان ٿو، آئون پنهنجي صحافي ڀائرن، ڀينرن ۽ سوشل ميڊيا صارفين جا پڻ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جن فيڪ نيوز جو مقابلو ذميواراڻي رپورٽنگ سان ڪيو ۽ سالميت جو اعليٰ مثال قائم ڪيو، مون کي اميد آهي ته اڳتي به اهو مثال اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه هوندو. وزيراعظم چيو ته اسان هڪ ذميوار رياست جي طور تي عالمي ۽ علائقائي امن ۽ خطي ۾ رهندڙ ڪروڙين ماڻهن جي مفاد ۾ جنگبندي ڪئي، تجويز جو مثبت جواب ڏنو آهي. اسان کي پڪو يقين آهي ته پاڻي وسيلن جي ورڇ، ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورا حل طلب مسئلا انصاف جي گهرجن موجب حل ڪرڻ جي لاءِ پرامن ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو ويندو. ان موقعي تي آئون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا خاص طور تي ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن جنگبندي جي لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته هتي آئون پنهنجي انتهائي مخلص ۽ ڀائر ملڪن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيه ۽ قطر کانسواءِ برطانوي قيادت، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت ٻين دوست ملڪن جا پڻ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جن جنگبندي جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان، عزيز ڀائر محمد بن زيد، قطر جي امير شيخ تميم ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان اسان جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي ۽ ڀائرن وانگر پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو جنهن جي لاءِ انهن جو دل گهراين سان ٿورائتو آهيان. هن چيو ته آئون پنهنجي انتهائي قابل اعتماد ۽ پراڻي دوست عوامي جمهوريه چين جو بطور خاص ذڪر نه ڪريان ۽ دل جي گهراين سان ٿورا ادا نه ڪريان ته منهنجي تقرير اڌوري رهندي. آئون چيني صدر شي جن پنگ، چيني عوام جو شڪرگذار آهيان جن پاڪستان جي 78 سالا تاريخ ۾ ڪنهن به نفعي ۽ نقصان تي سوچڻ کانسواءِ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. مون کي يقين آهي ته اسان اهي تاريخي حقيقتون سدائين ياد رکنداسين. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان مون کي ڪامل يقين آهي ته ان بحران ۾ سرخرو ٿيڻ کانپوءِ آئون، توهان، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون، سمورا ادارا ۽ انهن جا سربراهه گڏجي سموريون توانائيون پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وقف ڪري ڇڏينداسين ۽ ان وقت تائين سُک سان نه ويهنداسين جيستائين پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل نه ڪري وٺي. انشاءَ الله اهو وقت پري نه آهي. شرط اهو آهي ته اسان سڀ گڏجي ڏينهن رات محنت ڪريون ۽ ايتري محنت ڪريون جو دنيا دنگ رهجي وڃي. اهڙي طريقي سان جهڙي طرح اسان جي عسڪري قوت دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. وزيراعظم خطاب جي پڄاڻي تي ”پاڪ فوج زندهه آباد، پاڪستان پائنده آباد.“