اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن ”بُنيان المرصوص“ جي ڪاميابي تي اڄ آچر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هي ڏينهن الله رب العزت جي آڏو شڪر جو سجدو ڪرڻ، پاڪ فوج جي بي مثال بهادري کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ پوري قوم جي حوصلي ۽ وحدت کي ساراهڻ جي لاءِ ملهايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته آپريشن ”بنيان المرصوص“ دشمن جي جارحيت جو موثر ۽ ڀرپور جواب ڏنو ۽ پاڪستان هر محاذ تي برتري ثابت ڪئي. اسان ان ڪاميابي تي الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون، جنهن اسان کي سرخرو ڪيو. هن چيو ته دشمن جي جارحيت جي باوجود پاڪستان صبر ۽ تحمل پر مڪمل تياري سان پنهنجي دفاع کي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته قوم خاص طور تي عالم سڳورا اڄ پوري ملڪ ۾ اجتماعي دعائن ۽ نفلن جو اهتمام ڪن، الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪن ۽ شهيد غازين جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن. هن چيو ته پاڪ فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي.