اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ريگيوليٽري عمل جي بهتري، شفافيت جي فروغ، بيوروڪريٽڪ مسئلن جي خاتمي سان ڪاروبار جي لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، حڪومت خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي سيڙپڪارن ۽ واپارين جي لاءِ ون ونڊو آپريشنز جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، عالمي مالياتي ادارا پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جا معترف آهن، پاڪستان ڪاروبار، سيڙپڪاري جي لاءِ محفوظ، منافعو ڏيندڙ ملڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي چيمبر آف ڪامرس جي آمريڪا – پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ سينيئر نائب صدر ايشيا – آمريڪا چيمبر آف ڪامرس چارلس فريمين، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايشيا پاڪستان – آمريڪا بزنس ڪائونسل جو صدر اسپيرينزا گوميز، ڊائريڪٽر گورنمينٽ افيئرز ايبٽ انڊسٽريز هيني هينسر، هيڊ آف پبلڪ پاليسي يوريشيا ايپل ايسرا ڪوني ۽ ٻيا شامل هئا. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ توهان جي هتي آجيان ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته آمريڪا – پاڪستان بزنس ڪائونسل جو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۾ اهم ڪردار آهي، آمريڪا – پاڪستان بزنس ڪائونسل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي آسان بڻائڻ، حصيداري جي استحڪام ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان هڪ اهم پليٽ فارم آهي، پاڪستان ۾ 80 کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنين جي موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان هڪ محفوظ ۽ منافعو ڏيندڙ ملڪ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان پاڪستان ۾ نوڪريون پيدا ڪرڻ، روينيو ۾ حصو وجهڻ ۽ علائقائي منڊين ۾ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ توهان جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ م اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، اسان آمريڪي حڪومت ۽ ڪاروباري ادارن سان ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپن جي قدر ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن جي فروغ سان اسان پنهنجي ماڻهن جي ڀلائي، پنهنجي ڪاروبار جي منافعي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڪاروبار جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا، اسان جي حصيداري گڏيل طور تي فائديمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جو شمار آمريڪي ڪپهه جي سڀ کان وڏي درآمد ڪندڙن ۾ ٿئي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت آمريڪي حڪومت، ڪاروباري ادارن، سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن سان تعميري حصيداري جي خواهشمند آهي ته جيئن ٻطرفي واپار، شين ۽ خدمتن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو ڪاٿو وڌائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي مارڪيٽ نئين ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهي، حڪومت خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي سيڙپڪارن ۽ واپارين جي لاءِ ون ونڊو آپريشنز جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي ۽ عالمي مالياتي ادارا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جو اعتراف ڪري رهيا آهن، فچ پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ کي +CCC مان _B ۾ اپ گريڊ ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائي ڪندي پاليسي ريٽ 11 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو صنعتي ۽ ڪاروباري شعبي جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوششن جو مقصد ريگيوليٽري عمل ۾ سهولتن جي فراهمي، شفافيت جو فروغ ۽ بيوروڪريٽڪ مسئلن کي ختم ڪري ڪاروبارن جي لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ٽيرف جي مسئلي تي آمريڪي انتظاميا سان رابطي ۾ آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان جو گڏيل طور تي فائديمند حل ڳوليو ويندو. ملاقات دوران وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش ملڪ آهي. هنن چيو ته پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير خالد مگسي، قومي صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جا خاص معاون طارق فاطمي، هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو ويو.