اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو
آهي، ته ڀارت پاڪستان اندر حملو ڪري بزدليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، جڏهن
ته پاڪستان جي اثرائتي ۽ فيصلائتي جوابي ڪارروائي کان پوءِ ڀارت لائين آف
ڪنٽرول تي اڇو جهنڊو ڦڙڪائي پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي،
ڀارت تحقيقات کان هميشه فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي. جڏهن ته تازي
حملي کان پوءِ پڻ فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ميڊيا سان
ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڀارت رات جي اونداهي ۾ بي گناهه شهرين،
عورتن، ٻارن ۽ مسجدن کي نشانو بڻايو اهو عمل جنگي اخلاقيات جي کليل
ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو وڌيڪ سختي سان
جواب ڏنو، دشمن جي 5 جنگي جهازن ۽ هڪ ڊرون کي تباهه ڪيو، جڏهن ته
لائين آف ڪنٽرول تي ڪيتريون ئي ڀارتي پوسٽون پڻ تباهه ڪيون. هن چيو ته
اڄ ڀارتي ميڊيا پنهنجي ملڪ جي شڪست کي تسليم ڪندي پاڪستاني فوج پاران
تباهه ڪيل جنگي جهازن جو ملبو ڏيکاريو آهي. اسان جي فوج دشمنن جي حدن
اندر ڪارروائي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج دليري سان
صورتحال جو مقابلو ڪيو آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ
آهي. عطاالله تارڙ چيو ته وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب
ڪيو آهي جنهن ۾ موجوده صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته
پاڪستان پهلگام واقعي جي جاچ جو چيو پر ڀارت ان کان به لنوائي ويو. تازي
حملي کان پوءِ پڻ ڀارت ساڳيو ئي پراڻو فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي.
پاڪستان ڀارت خلاف ڪامياب جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن کان پوءِ ڀارت
اڇو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي مجبور ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارتي
ميڊيا تسليم ڪري رهي آهي، ته سندن جهاز تباهه ڪيا ويا آهن ۽ ان حوالي سان
تفصيل جلد سامهون ايندا. هن چيو ته پاڪستاني فوج صرف جنگي هدفن کي
نشانو بڻايو جڏهن ته حملن جو نشانو ڪنهن به شهري کي نه بڻايو ويو. ڇاڪاڻ
ته اسان جي فوج پيشيواراڻن اصولن جي مڪمل پابند آهي. عطالله تارڙ چيو ته
جنگ جا به اصول هوندا آهن، دشمن به هجي ته ڪم ظرفي جو مظاهرو نه ٿيڻ
گهرجي جو عام شهرين کي نشانو نه بڻايو وڃي. هن چيو ته صحافين جي هڪ
وفد کي مريدڪي ۽ بهاولپور جو دورو ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ته جيئن
عالمي ميڊيا کي ڏيکاري سگهجي ته انهن علائقن ۾ ڪنهن قسم جي دهشتگرد
ڪيمپ موجود ناهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾
فرنٽ لائين اسٽيٽ آهي جنهن 90 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانين جي قرباني ڏني
آهي. ڀارت پاڻ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، هو آمريڪا، آسٽريليا ۽ ڪينيڊا ۾ سکن
جي قتل ۾ ملوث ڏٺو ويو آهي جڏهن ته ڪلڀوشن ياديو جهڙن دهشتگردن کي
پاڪستان مان گرفتار ڪيو ويو جيڪي تخريبڪاري وارين سرگرمين ۾ ملوث
هئا. هن چيو ته ڀارت وٽ نه ڪي دليل آهن نه ئي ثبوت ۽ پهلگام واقعي ۾ ايف آءِ
آر واقعي جي صرف 10 منٽن کان پوءِ داخل ڪئي وئي جڏهن ته پوليس ڏيڍ
ڪلاڪ کان پوءِ واقعي واري جاءِ تي پهتي هئي. عطاالله تارڙ چيو ته پوري قوم
پاڪستاني فوج سان گڏ آهي، اسان عالمي ميڊيا سامهون پاڪستان جو موقف
واضح طور تي رکيو جڏهن ته ڀارت جو بيان ڪٿي به نظر نه آيو. هن چيو ته
ڀارت بدنيتي سان آيو هو جڏهن مقابلو ڪرڻو پيو ته پوئتي هٽي ويو ۽ اڇو جهنڊو
لهرائڻ تي مجبور ٿيو.