اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي)پاڪستان ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت
ڪندي چيو آهي، ته جنگ جي بنا اڳرائي ۽ سڌي ڪارروائي ۾ ڀارتي فضائيه
پنهنجي فضائي حدن ۾ رهندي عالمي سرحد جي ٻئي پاسي شهري آبادي کي نشانو
بڻايو ۽ اسٽينڊ آف هٿيارن جو استعامل ڪندي پاڪستان جي خودمختياري جي
ڀڃڪڙي ڪئي، مريدڪي ۽ بهاولپور ۾ عالمي سرحد ۽ ڪوٽلي ۽ مظفر آباد آزاد
ڄمون ڪشمير ۾ لائين آف ڪنٽرول جي ٻئي پاسي شهري آبادي کي نشانو بڻايو
ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڀارتي جارحيت جي
نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين جي شهادت ٿي آهي. جارحيت جي ان عمل
سان واپاري فضائي ٽريفڪ کي به شديد خطرو درپيش آهي. بيان ۾ چيو ويو
آهي، ته اسان ڀارت جي بدلاڻن قدمن جي شديد مذمت ڪيون ٿا جيڪي گڏيل
قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي قائم ڪيل اصولن جي
سڌي ڀڃڪڙي آهي، بيان موجب پهلگام واقعي کي نظر ۾ رکندي ڀارتي قيادت
هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جو استعمال ڪندي پنهنجي مظلوميت جي شرمناڪ
داستان کي اڳيان وڌايو جنهن سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي، ڀارت
جي لاپرواهي سان ٻه ايٽمي رياستون هڪ وڏي تڪرار جي ويجهو پهچي ويون
آهن، بدلجندڙ صورتحال ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل
51موجب ۽ عالمي قانون موجب پنهنجي پسند جي وقت ۽ جڳهه تي مناسب
جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. بيان موجب پاڪستان جي حڪومت،
هٿياربند فوج ۽ عوام ڀارتي جارحيت خلاف گڏ آهن، پاڪستان جي خودمختياري
۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ هميشه پختي عزم سان گڏ ڪم ڪنداسين.