اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فريڊرش ميرس کي جرمني جو چانسلر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جرمني کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ سندس ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهيون. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ جرمني جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.