اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل (يو ايس پي بي سي) ۽ آمريڪي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت آمريڪي چيمبر آف ڪامرس جي ايشيا بابت سينيئر نائب صدر چارلس فري مين ۽ آمريڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ايسپرانزا گوميز جيلاليان ڪئي. وفد ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ناليوارين آمريڪي ڪمپنين جا سينيئر ايگزيڪيوٽوز پڻ شامل آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته جيو اڪنامڪس پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اولين ترجيح رهي آهي. هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ آمريڪي نجي شعبي جي ڪردار کي ساراهيو. وفد پاڪستان حڪومت جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ مختلف شعبن ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ صلاحيت وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.