اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري روس سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هو روسي فيڊريشن جي جنگ ۾ فتح جي 80هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ وڌندڙ اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي تازي اعليٰ سطحي رابطن گڏيل حصيداري ۽ بهتر تفهيم جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته مون کي يقين آهي ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستي جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وٽ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن جي ميدان ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. صدر روسي صدر ولاديمير پيوٽن، روسي حڪومت ۽ عوام کي ان موقعي تي دلي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها فتح روسي عوام جي استقامت، قوت ۽ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ان جي پختي عزم جو مظهر آهي. هن ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته واديءَ سنڌ جا ماڻهو جيڪي اڄ جي پاڪستان ۾ آباد آهن، انهن به نازي ازم جي خلاف جنگ ۾ برطانوي فوج تحت اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر آصف علي زرداري 2011ع ۾ پنهنجي روس جي دوري جو ذڪر ڪندي صدر ولاديمير پيوٽن پاران پاڪستان – روس دوستي جي فروغ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. هن روس کي هڪ ”اهم عالمي طاقت“ قرار ڏنو ۽ خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ روس جي ڪردار کي ساراهيو. صدر پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مفاهمت ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ خطي ۽ دنيا جي بهتر مستقبل جي لاءِ گڏيل حصيداري تي زور ڏنو.