واشنگٽن ڊي سي -28 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان هڪ اهم موڙ تي پهچي چڪو آهي، جتي معيشت جي بحالي ۽ تبديلي جي راهه تي گامزن آهي، موجوده حڪومت ڏکيائين جو شڪار معيشت کي سنڀاليو، بنيادي ڍانچي کي مستحڪم ڪيو، اعتماد بحال ڪيو ۽ ترقي جو عمل ٻيهر شروع ڪيو. انهن خيالن جو اظهار ناڻي واري وفاقي وزير هارورڊ يونيورسٽي ۾ منعقد پاڪستان ڪانفرنس 2025ع کي اهم خطاب ۾ ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ ناڻي واري وزير فاصلن ۾ گهٽتائي ۽ مستقبل جي تعمير، پاڪستان ۾ شموليتي ترقي ۽ حڪمراني جو رستو جي موضوع تي روشني وڌي ۽ پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي سفر کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان هڪ اهم موڙ تي آهي، جتي معيشت بحالي ۽ تبديلي جي رستي تي گامزن ٿي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته موجوده حڪومت ڏکيائين جو شڪار معيشت کي سنڀاليو، بنيادي ڍانچي کي مستحڪم ڪيو، اعتماد بحال ڪيو ۽ ترقي جو عمل ٻيهر شروع ڪيو. هن زور ڀريو ته استحڪام ڪا منزل ناهي پر ترقي جو ذريعو آهي، هن حڪومتي حڪمت عملي تي ڳالهائيندي مالياتي نظم و ضبط، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، توانائي، ٽيڪس، حڪمراني ۽ سرڪاري ادارن جي سڌارن جو خاڪو پيش ڪيو. هن پاڪستان ۾ ترقي جي وڏن موقعن جهڙوڪ معدني وسيلن، آءِ ٽي شعبي جي توسيع، گرين انرجي منصوبي ۽ نوجوان آبادي جي ڪاروباري جذبي تي به روشني وڌي. هن چيو ته انساني ترقي کي مسلسل ۽ جامع ترقي لاءِ بنياد بڻائڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان قرضن جو جي ڊي پي جي شرح کان 75 سيڪڙو مان گهٽائي 67.2 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ وچ مدي ۾ ان کي 60 سيڪڙو کان به گهٽائڻ جو هدف آهي. هن ٻڌايو ته خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي شفاف نجڪاري سان جي ڊي پي ۾ ساليانو 2 سيڪڙو بچت موقع آهي. مالياتي شعبي ۾ ڊجيٽل بئنڪنگ، ڪيپيٽل مارڪيٽس ۽ گرين فنانس کي هٿي ڏيڻ جي منصوبن جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان مالياتي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ لچڪدار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ڳالهائيندي هن بنيادي ڍانچي ۽ زراعت ۾ ماحولياتي مزاحمت شامل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ آءِ ايم ايف جي ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبيليٽي فيسلٽي (آر ايس ايف) ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام (سي پي ايف) کي اهم سنگ ميل قرار ڏنو. ناڻي واري وزير سڄي دنيا جي سيڙپڪارن، شراڪتدارن ۽ بهترين دماغن کي پاڪستان جي ترقي، مواقعن ۽ ناقابل واپسي تبديلي جي سفر ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته مهانگائي ۾ اضافي جي رفتار ۾ تاريخي گهٽتائي جيڪا هاڻي 0.7 سيڪڙو جي سطح تي آهي ۽ 60 سالن ۾ سڀني کان گهٽ آهي. مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا ٻيڻا ٿي ويا آهن، رپئي جي قيمت ۾ 3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، مارچ 2025ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس هڪ ارب ڊالرز کان وڌيڪ رهيو، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 44 سيڪڙو اضافو ٿيو، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته پرڏيهه مان موڪليل ناڻهو 38 ارب ڊالرز تائين پهچڻ جو امڪان آهي. 24 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو مالياتي سرپلس حاصل ڪيو ويو. فچ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ (بي) مستحڪم آئوٽ لڪ سان اپ ڊيٽ ڪئي. هن چيو ته ”پاڪستان جو مستقبل جرئتمنداڻو ۽ ضروري فيصلن سان جڙون“ جيڪڏهن اسان پنهنجي عوام تي سيڙپڪاري ڪيون، معيشت کي جديد بڻايون ۽ سڌارن جو عمل جاري رکون ته پاڪستان هڪ مضبوط، سرسبز ۽ وڌيڪ مقابلو ڪندڙ ملڪ بڻجي اڀرندو. واضح رهي ته پاڪستان ڪانفرنس آمريڪا ۾ هر سال منعقد ٿيندي آهي، جنهن ۾ پاليسي ساز، تعليمي ماهر، ڪاروباري اڳواڻ ۽ شاگرد پاڪستان جي معيشت، سياست ۽ سماجي حالتن تي ڳالهيون ڪندا آهن. هن هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ تحقيقي مرڪزن جي مدد سان منعقد ڪيو ويندو آهي ۽ اها آمريڪا ۾ پاڪستاني شاگردن طرفان سڀ کان وڏي ڪانفرنس آهي، جنهن جو مقصد گڏجي مسئلن جو حل ڳولهڻ، عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستاني عوام جي صلاحيتن ۽ همت کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ آهي. تقريب جي آخر ۾ ناڻي واري وزير شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي معيشت جي مستقبل جي حوالي سان سندن سوالن جا جواب ڏنا.