ڪاسابلانڪا_28 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پارلياماني وفد سان گڏ مراڪش پهچي ويو. هو ڏکڻ – ڏکڻ پارليامينٽري فورم جي ٽئين ايڊيشن کي خطاب ڪندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق ڪاسابلانڪا هوائي اڏي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندس قيادت هيٺ پارلياماني وفد جو مراڪش جي پارليامينٽ جي نائب صدر اورقويستور شاندار استقبال ڪيو. مراڪش جي پارليامينٽ جي ناظم الامور رابعه قصوري سينيٽ چيئرمين سان ملاقات به ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني ڏکڻ – ڏکڻ پارليامينٽري فورم جي اجلاس ۾ 31 ملڪن جي سربراهن کي خطاب ڪندو. جنهن ۾ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. ياد رهي ته ڏکڻ – ڏکڻ پارلياماني فورم قانون سازن لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جو پليٽ فارم آهي.