ماسڪو -28 اپريل (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته يوڪرين جنگ جي معاملي تي ان جي ملڪ جون آمريڪا سان ڳالهيون صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، جنهن جو سبب اهو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو جي غلطين ۽ يوڪرين ۾ روس جي حقن جي ڀڃڪڙين کي تسليم ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين ۾ جنگ بندي جي منصوبي جي آجيان ڪئي آهي، پر ان ڳالهه جي خاطري جو به مطالبو ڪيو ته يوڪرين ان جنگ بندي کي پنهنجي فوج جي نئين سر تعمير لاءِ استعمال نه ڪندو. هن انهن آمريڪي الزامن کير د ڪيو ته روس وٽ خلائي هٿيار موجود آهن. هن جو چوڻ هو ته روس ڊگهي عرصي کان ٻاهرين خلا ۾ ايٽمي هٿيارن تي پابندي لاءِ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ هڪ معاهدي جي حمايت ڪئي آهي، پر آمريڪا ان حمايت کان انڪار ڪيو آهي. هن ان رپورٽ کي رد ڪندي چيو ته روس آمريڪا ۽ يوڪرين سان گڏيل مفادن جي توازن ڳولهڻ لاءِ پرعزم ۽ هميشه سنجيده ۽ باوقار ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ يوڪرين ميڊيا ذريعي ڳالهيون ڪرڻ جو عزم رکي ٿو.