ڪراچي-24 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت عالمي ڀائيوارن ۽ غير سرڪاري تنظيم جي تعاون سان مختلف علائقن ۾ پاڻي، صحت ۽ صفائي (واش) جا منصوبا ٺاهي رهي آهي ته جيئن خاص طور تي ٻوڏ متاثر ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ عوام جي صحت کي بهتر بنائي سگهجي۔اهڙو اظهار هن ڪالهه اسلامي ترقياتي بئنڪ جي اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن جي اڳواڻي ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر وليد عبدالوهاب ڪري رهيو هو۔ملاقات ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڀائيواريءَ سان هلندڙ ٻن اهم منصوبن، سنڌ فلڊ ايمرجنسي هاؤسنگ رڪنٽرڪشن پروجيڪٽ ۽ سنڌ انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ وومين ايمپائورمينٽ پروجيڪٽ تي ڳالهه ٻولهه ٿي.وڏي وزير جي درخواست تي اسلامي ترقياتي بينڪ واش منصوبي لاءِ اضافي مدد ڏيڻ لاءِ رضا مندي ظاهر ڪئي.مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ٻوڏ ايمرجنسي رهائشي نئين سر تعمير وارو منصوبو (اي ايس ايف ايڇ آر پي) ۽ واش منصوبو اهڙي انداز ۾ تيار ڪيا ويا آهن ته متاثر افراد پاڻ پنهنجي گهرن کي محفوظ ۽ پائيدار طريقي سان نئين سر تعمير ڪري سگهن . منصوبن جي عملي اڳڀرائي بابت ٻڌائيندي وڏي وزير چيو ته 155000 مستحقين کي 75000 رپين جي پهرين قسط ڏئي اڳتي وڌايو ويو آهي جڏهن ته 72384 مستحقين کي هڪ لک رپين جي ٻي قسط 21645 کي هڪ لک رپين جي ٽئي قسط ۽ 1494 مستحقين جن پنهنجا گهر مڪمل ڪري ورتا آهن کي آخري قسط 25000 رپيا فراهم ڪيا ويا آهن. صحت ۽ عورتن لاءِ بااختياري منصوبو 280 ملين ڊالر ماليت جو منصوبو آهي جنهن ۾ اسلامي ترقياتي بينڪ پاران 50 ملين ڊالر، سنڌ حڪومت پاران 30 ملين ڊالر ۽ 200 ملين ڊالر غير ملڪي فنڊ امداد شامل آهي. مراد علي شاهه واضح ڪيو ته هن منصوبي جو مقصد صوبائي خاص طور پُٺتي پيل علائقن ۾ نوجوانن ۽ عورتن جي ويم، نئين ڄاول ٻار، ٻارن جي وڌندڙ ڄمار وارن ۽ غذائيت سان لاڳاپيل (آر ايم اين سي ايڇ + اين) خدمتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته هي پروگرام پٺتي پيل علائقن ۾ خاص طور تي عورتن لاءِ سماجي ۽ معاشي طور قدرتي آفتن سان وبائي بيمارين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪندي صحتمند ۽ معاشي طور تي مضبوط ۽ پائيدار ڪميونٽيون قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. 6 هزار حقدار عورتن کي هُنر سِکائڻ لاءِ هڪ ٿرڊ پارٽي ڪمپني جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو عمل اسلامي ترقياتي بينڪ سان مشاورت سان شروع ڪيو ويو آهي. هن پروگرام تحت 124 سرڪاري ڊسپينسرين جي بحالي ۽ سڌارو آندو ويندو جن جي سُڃاڻپ ۽ شروعات ڊزائين رپورٽون مڪمل ٿي ويون آهن. هڪ علاقائي تربيت انسٽيٽيوٽ جي بحالي ۽ سڌارن لاءِ پڻ سروي ڪيو ويو آهي ۽ بحالي جا ڪاٿا اسلامي ترقياتي بينڪ سان شيئر ڪيا ويا آهن. عوامي صحت جي ڇهن اسڪولن جي بحالي ۽ بهتريءَ بابت ٻڌايو ويو ته سروي ۽ شروعاتي ضرورتن جي سُڃاڻپ رپورٽون مڪمل ٿي وئي آهي ۽ ڪاٿن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ساڳي ريت ڪميونٽي مڊوائفري (سي ايم ڊبليو) جي 9 اسڪولن جي بحالي ۽ بهتري لاءِ به سروي ۽ شروعاتي سُڃاڻپ رپورٽون تيار ڪيون ويون آهن. وڏي وزير ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي نئين سر تعمير ۾ اسلام ترقياتي بينڪ جي سهڪار تي ٿورا مڃيا جنهن 200 ملين ڊالر جي مالي معاونت فراهم ڪئي آهي. ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ۽ سي اي او ايس پي ايڇ ايف خالد شيخ شرڪت ڪئي. اسلامي ترقياتي بينڪ جي وفد ۾ ڪنٽري مئنيجر اشتياق اڪبر ۽ پاڪستان ۾ بئنڪ جو نمائندو محمد علي يزداني سميت ٻيا پڻ شامل هئا.