اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مائڪرو ليول تي زراعت تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، ڪپهه ۽ چانورن جو معياري ٻج فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. ڪپهه ۽ چانورن جو غير معياري ٻج ٺاهيندڙ 392 ڪمپنين جا لائسنس رد ڪيا ويا. اهڙو اظهار هن زراعت بابت وفاقي ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪيو. هن چيو ته زرعي شعبي جي ترقيءَ سان هارين جي فلاح بهبود ۾ واڌ ٿيندي ۽ معيشت مضبوط ٿيندي. هن چيو ته زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ تصديق ٿيل ٻج جي فراهميءَ کي يقيني بنائي رهيا آهيون. ڪپهه ۽ چانورن جو غير معياري ٻج ٺاهيندڙ 392 ڪمپنين جا لائسنس رد ڪيا ويا آهن. ٻج ڪمپنين جي مانيٽرنگ لاءِ اختيار صوبن کي منتقل ڪيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مانيٽرنگ لاءِ نيشنل فيڊ ريگيوليٽري اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ نواڻ لاءِ نوجوانن کي جديد علم سان تيار ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان نوجوانن کي تربيت لاءِ چين موڪليو ويو آهي. چين ويندڙ نوجوانن ۾ 10 سيڪڙو بلوچستان جي ڪوٽا رکي وئي آهي. هن چيو ته چين اسان جو سٺو دوست آهي، چين جي حڪومت زرعي مشينريءَ جو تحفو ڏنو آهي، جنهن سان ان شعبي تي هاڪاري اثر پوندا. هن چيو ته چين طرفان ڏنل زرعي مشينريءَ کي وفاق ۽ صوبن ۾ ورهايو ويندو. چين جي زرعي مشينري جي استعمال سان في ايڪڙ پيداوار ۾ واڌ ٿيندي ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته صوبن سان گڏجي زرعي شعبي جي بهتريءَ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن جن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.