اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي سميت ٻين کنيل قدمن جو ڀرپور جواب ڏيندي واهگه بارڊر پوسٽ کي فوري طور تي بند ڪرڻ، هر قسم جي واپار ۽ ڀارتي شهرين کي جاري سمورا ويزا معطل ڪرڻ، ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ سفارتڪارن ۽ عملي جو انگ گهٽ ڪرڻ ۽ ڀارتي ايئرلائينز تي پاڪستاني فضائي حدن جي بندش جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي موجب پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪنهن به عمل کي جنگ تصور ڪيو ويندو، ڪنهن تصديق ٿيل جاچ ۽ تصدي جوڳي ثبوتن جي عدم موجودگي ۾ ڦلگام حملي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش بي بنياد، عقليت ۽ منطق کان عاري آهي، پاڪستاني قوم امن جي لاءِ پرعزم آهي، ڪنهن کي به پنهنجي خودمختياري، سلامتي، وقار ۽ ناقابل تنسيخ حقن کان تجاوز ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، شمله معاهدي سميت سمورن ٻطرفن معاهدن کي معطل ڪرڻ جو حق محفوظ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. شرڪت ڪندڙن قومي سلامتي جي منظرنامي، علائقائي صورتحال خاص طور تي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ ۾ 22 اپريل 2025ع تي ٿيندڙ ڦلگام حملي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري پڌرائي موجب سياحن جي جانين جي زيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪميٽي 23 اپريل 2025ع تي اعلان ڪيل ڀارتي قدمن جو جائزو ورتو ۽ انهن کي هڪطرفو، غيرمنصفاڻو، سياسي محرڪات تي ٻڌل، انتهائي غيرذميواراڻو ۽ غيرقانوني قرار ڏنو. پاڪستان ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي سميت ٻين کنيل قدمن جو ڀرپور جواب ڏيندي سارڪ ڇوٽ اسڪيم تحت ڀارتي شهرين کي جاري سمورا ويزا معطل ڪرڻ، واهگه بارڊر پوسٽ کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ هر قسم جو واپار معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ڀارتي ايئرلائينز پاڪستان جون فضائي حدون استعمال نه ڪري سگهنديون، سنڌ طاس معاهدي موجب پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪنهن به عمل کي جنگ تصور ڪيو ويندو، شمله معاهدي سميت سمورن ٻطرفن معاهدن کي معطل ڪرڻ جو حق محفوظ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيو. شرڪت ڪندڙن قومي سلامتي جي منظرنامي، علائقائي صورتحال خاص طور تي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ ۾ 22 اپريل 2025ع تي ٿيندڙ ڦلگام حملي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري پڌرائي موجب سياحن جي جانين جي زيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪميٽي 23 اپريل 2025ع تي اعلان ڪيل ڀارتي قدمن جو جائزو ورتو ۽ انهن کي هڪطرفو، غيرمنصفاڻو، سياسي محرڪات تي ٻڌل، انتهائي غيرذميواراڻو ۽ غيرقانوني قرار ڏنو. ڪميٽي صورتحال جي ڏس ۾ ڪيترائي فيصلا ڪندي چيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدو ملتوي ڪرڻ جي ڀارتي اعلان کي سختي سان رد ڪري ٿو. اهو معاهدو هڪ عالمي معاهدو آهي جنهن جي ثالثي عالمي بئنڪ ڪئي ۽ ان ۾ هڪطرفي طور تي معطلي جي ڪا شق نه آهي. پاڻي پاڪستان جو هڪ اهم قومي مفاد آهي، جنهن تي ان جي 24 ڪروڙ عوام جي زندگي جو دارومدار آهي ۽ ان جي دستيابي جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو. سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ يا ان جو رخ موڙڻ جي ڪا به ڪوشش ۽ درياءَ جا حق غصب ڪرڻ کي هڪ جنگي قدم تصور ڪيو ويندو ۽ قومي طاقت جي مڪمل دائري ۾ پوري قوت سان جواب ڏنو ويندو. عالمي ڪنوينشنز، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي ذميوارين کي پنهنجي مرضي سان نظرانداز ڪندڙ ڀارت جي لاپرواهه ۽ غيرذميواراڻي رويي کي ڏسندي پاڪستان هن وقت ڀارت سان سمورن ٻطرفي معاهدن کي معطل ڪرڻ جو حق استعمال ڪندو، جيڪو رڳو شمله معاهدي تائين ئي محدود نه رهندو، جيستائين ڀارت سرحد پار قتل عام، عالمي قانونن ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي قراردادن جي عدم پاسداري کان باز نه ٿو اچي. پاڪستان واهگه بارڊر کي فوري طور تي بند ڪري ڇڏيندو. ان رستي تان هندستان مان سموري سرحد پار اچ وڃ بنا ڪنهن ڇوٽ جي معطل رهندي. جيڪي ماڻهو صحيح قانوني طريقي سان پاڪ ڀارت سرحد عبور ڪري چڪا آهن اهي ان رستي تان فوري طور تي واپس وڃي سگهن ٿا پر 30 اپريل 2025ع کانپوءِ اها سهولت بند ڪئي ويندي. سارڪ ويزا ڇوٽ اسڪيم تحت ڀارتي شهرين کي جاري ڪيل سمورا ويزا فوري طور تي ملتوي ڪيا ويا آهن جڏهن ته سک ياترين کي ان کان ڇوٽ هوندي. پاڪستان ۾ هن وقت موجود سمورن ڀارتي شهرين کي چيو ويو آهي ته اهي 48 ڪلاڪن جي اندر پاڪستان مان نڪري وڃن جڏهن ته سک ياترين کي ان کان ڇوٽ حاصل هوندي. پاڪستان ڀارتي دفاعي، نيول ۽ ايئر ايڊوائيزرز کي ناپسنديده شخصيتون قرار ڏيندي انهن کي هدايت ڪئي ته اهي 30 اپريل تائين پاڪستان ڇڏي ڏين، ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ اهي جايون معطل ڪيون ويون آهن، انهن ايڊوائيزرز بابت مددگار اسٽاف کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڀارت واپس هليا وڃن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ سفارتڪارن ۽ عملي جو انگ 30 اپريل 2025ع کان گهٽ ڪري 30 ڪيو ويندو. پاڪستان جي فضائي حدن ۾ هندستان جي ملڪيت ۽ هندستان مان هلندڙ سمورين ايئرلائيز کي فوري طور تي بند ڪيو پيو وڃي. ڀارت سان سمورو واپار، بشمول ڪنهن ٽئين ملڪ مان پاڪستان جي رستي واپار، فوري طور تي معطل ڪيو ويو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي مشاهدو ڪيو ته ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ حل طلب تڪرار آهي جنهن کي گڏيل قومن جي ڪيترين ئي قراردادن جي ذريعي تسليم ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جاري رکندو. مسلسل هندستاني رياستي ڏاڍ، رياستي حيثيت جي معطلي، سياسي ۽ آبادياتي هيرڦير، مسلسل غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن پاران هڪ فطري ۽ مقامي ردعمل جو سبب بڻيو آهي، جيڪو تشدد واري ماحول جو سبب بڻيو آهي. اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف ڀارت جو منظم ظلم ۽ ڏاڍ وڌيڪ وڌي ويو آهي. وقف بل جي زبردستي منظوري جون ڪوششون سڄي هندستان ۾ مسلمانن کي ديوار سان لڳائڻ جي تازه ترين ڪوشش آهي. ڀارت کي اهڙن افسوسناڪ واقعن مان فائدو کڻڻ بدران ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي جي پوري ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. پڌرائي موجب پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي بنا ڪنهن فرق جي مذمت ڪري ٿو. دهشتگردي جي خلاف دنيا جي پهرين صف جي رياست هجڻ جي ناطي پاڪستان کي بي پناهه انساني ۽ معاشي نقصان کڻڻو پيو آهي. پاڪستان جي اوڀرندي سرحدن تي ڇڪتاڻ جي ڀارتي ڪوششن جو مقصد پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ آهي. ڪنهن تصديق ٿيل جاچ ۽ تصديق جوڳي ثبوتن جي عدم موجودگي ۾ ڦلگام حملي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جون ڪوششون بي بنياد، عقليت ۽ منطق کان عاري آهن. پڌرائي موجب ڀارت جي مظلوميت جو بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ان جي پنهنجي ڏوهه کي لڪائي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي اهو ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي منظم ۽ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تان ڌيان هٽائي سگهي ٿو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هندستاني دعوائن جي ابتڙ پاڪستان وٽ پاڪستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جا ناقابل ترديد ثبوت آهن، جن ۾ ڀارتي بحريه جي هڪ حاضر سروس آفيسر ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جو اعتراف پڻ شامل آهي، جيڪو ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ڪاررواين جو زندهه ثبوت آهي. قومي سلامتي ڪميٽي 23 اپريل 2025ع جي ڀارتي بيان ۾ لڪل ڌمڪي جي مذمت ڪئي. عالمي برادري کي گهرجي ته اها ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ عدالت کان مٿانهين قتل يا غيرملڪي سرزمين تي ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ذهن ۾ رکي. اهي ڪڌيون ڪارروايون عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪيون ويون جهڙوڪ تازو ئي پاڪستان سان گڏوگڏ ٻين رياستن ناقابل ترديد ثبوتن سان بي نقاب ڪيو آهي. ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان سمورن ذميوارن، منصوباسازن ۽ ڏوهارين جو پيڇو ڪندو ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو. پاڪستان جي خودمختياري ۽ ان جي عوام جي سلامتي کي درپيش ڪنهن به خطري جو مقابلو مناسب ۽ ڀرپور انداز ۾ ڪيو ويندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت کي پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ الزام بازي ۽ ڦلگام جهڙن واقعن جو منظم طريقي سان استحصال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح جا حربا رڳو ڇڪتاڻ کي وڌائيندا آهن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندا آهن. ڀارتي رياست جي هٿان ڪٺ پتلي ميڊيا پاران علائقائي امن امان کي خطري ۾ وجهڻ مذمت جوڳو آهي، ان حوالي سان ڀارت کي سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي. قومي سلامتي ڪميٽي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ان جي هٿياربند فوج ڪنهن به مهم جوئي جي خلاف پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکندڙ ۽ مڪمل طور تي تيار آهي، جيئن ته فيبروري 2019ع ۾ ڀارت جي دراندازي تي پاڪستان جي ڀارت جي خلاف ڀرپور ردعمل مان واضح طور تي ظاهر ٿئي ٿو. قومي سلامتي ڪميٽي چيو ته ڀارت جي جارحاڻي قدمن ٻه قومي نظريي سان گڏوگڏ قائداعظم محمد علي جناح جي خدشن جي پڻ توثيق ڪئي آهي. 1940ع جي قرارداد جيڪا پوري پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجمان آهي، جو بنياد به ٻه قومي نظريو ئي هو. پاڪستاني قوم امن جي لاءِ پرعزم آهي پر ڪنهن کي به پنهنجي خودمختياري، سلامتي، وقار ۽ ناقابل تنسيخ حقن کان تجاوز ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي.