اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڀارتي ڌمڪين جو ڀرپور جواب ڏنو آهي، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو ڪو قانوني جواز نه آهي، پاڪستان ڀارت سان ٻطرفو واپار ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي ذريعي واپار معطل ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت پاران ٻاراڻو ۽ انتهائي غيرسنجيده بيان ڏنو ويو، هن سنڌ طاس معاهدي جو نه دستاويز پڙهيو ۽ نه قانوني حيثيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو ڪو قانوني جواز نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي ڌمڪين جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڀارت سان سڌوسنئون واپار جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي بلڪه ڪنهن ٽئين ملڪ جي ذريعي به ڀارت سان واپار مڪمل طور تي بند آهي جنهن سان ڀارت جي معيشت کي نقصان کڻڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جون فضائي حدون ڀارت جي لاءِ بند ڪيون ويون آهن ان سان ڀارتي ايئرلائينز کي ملين ڊالرز جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڀارت وٽ رڳو اونچو آواز ۽ ڌمڪيون آهن، اهي رڳو انهن جون ڳالهيون هيون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستاني صحافين ڀارتي ميڊيا ۾ پاڪستان جي ڪيس کي ڀرپور طريقي سان وڙهيو جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پوري دنيا کي خبر آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن جو اسپانسر آهي، ڀارت پنهنجي سياسي فائدي جي لاءِ دهشتگردي کي استعمال ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين اسٽيٽ آهي. اڄ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڀارت سان وياج سميت حساب برابر ڪيو آهي جهڙي طرح اسان پلوامه ۾ برتري حاصل ڪئي، اهڙي طرح پاڪستان بيانيي جي جنگ ۾ به برتري حاصل ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف اسان کي ڪاميابيون مليون آهن، اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن کي اسپانسر ڪري رهيو آهي ان لاءِ انهن کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي، اسان جي اولهندي بارڊرز تي دهشتگردن جي خلاف جنگ وڙهي پئي وڃي، ان تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڀارت ان قدم کي بطور هٿيار استعمال ڪيو آهي.