اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان روس جي سينٽ پيٽرز برگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي نائب صدر دمتري چرنيشيف ۽ سندس وفد سان اهم ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت ۾ ٿيل ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ روس وچ ۾ معاشي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ هو، ملاقات ۾ ٻطرفي واپاري ميڪنزم کي اداره جاتي مٽاسٽا ذريعي بهتر بڻائڻ ۽ حقيقي جنسن جي واپار جا نوان طريقاڪار ڳولڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزير ڄام ڪمال خان روس سان واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ عالمي اقتصادي چئلينجز باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. هن ٻڌايو ته مالي سال 24-2023ع ۾ ٻطرفي واپاري ڳاڻيٽو اٽڪل 963 ملين آمريڪي ڊالر رهيو، جنهن ۾ پاڪستان جي روانگي واپار 83 ملين ڊالر ۽ روانگي واپار 880 ملين ڊالرن تائين پهتي، دمتري چرنيشيف سينٽ پيٽرز برگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج (سپائي ميڪس) کي جنسن جي اهم ترين روسي ايڪسچينج قرار ڏيندي ٻڌايو ته هي ادارو پيٽروليم مصنوعات، گئس، ڀاڻ ۽ ڪاٺ سميت وڏي پئماني تي جنسن جي واپار کي هٿي ڏي ٿو. هن شفاف قيمتن جي تعين ۽ موثر واپاري نظام جي قيام کي سپائي ميڪس جو مشن قرار ڏنو ۽ عالمي جنسن ايڪسچينجز جو هڪ عالمي نيٽ ورڪ جوڙڻ جي منصوبي تي پڻ روشني وڌي. ملاقات ۾ سپائي ميڪس ۽ پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج (پيميڪس) وچ ۾ پهرين کان صحيح ٿيل مفاهمتي يادداشت کي فعال ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ته جيئن فني تعاون، معلومات جي مٽاسٽا ۽ واپاري پليٽ فارمز جي ڊجيٽل انضمام ممڪن بڻائي سگهجي. واپار واري وزير ڄام ڪمال ٻنهي ايڪسچينجز وچ ۾ علم ۽ تجربي جي مٽاسٽا جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ چيو ته روس کان تيل، ڪڻڪ، ڀاڻ جڏهن ته پاڪستان کان چانور، ڪپهه، ميوا ۽ ڀاڄين جهڙي معياري ۽ مٽاسٽا جهڙين جنسن جي عملي واپار لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا.