اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي)ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم آهي ۽ اهم معاشي اهڃاڻن مان معاشي بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي. اپريل ۾ مهانگائيءَ جي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو کان وٺي 2 سيڪڙو ۽ مئي ۾ 3 سيڪڙو کان وٺي 4 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ چئي وئي آهي. وزارت موجب ايندڙ مهينن ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ لاڳيتو واڌ متوقع آهي. آٽوموبائل جي پيداوار ۾ واڌ ۽ ڪچي مال جي آمدني واپار ۽ سهولتن تي ٻَڌل مانيٽري پاليسي سان وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ واڌ جو امڪان آهي. بهتر موسمياتي حالتن ۽ پاڻيءَ جي دستيابيءَ سان اهم فصلن جي پيداوار ۾ واڌ ٿيندي جنهن سان مجموعي اقتصادي ترقيءَ تي هاڪاري اثر پوندا. وزارت موجب ايندڙ مهينن ۾ روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان پورهيتن طرفان موڪليل ناڻي ۾ واڌ جو رجحان جاري رهڻ جو امڪان آهي جنهن سان ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن کي متوازن بنائڻ ۾ مدد ملندي. ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ مطابق مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان موڪليل ناڻي ۾ سالياني بنياد تي 32.2 سيڪڙو ۽ ماهوار بنيادن تي 7.3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جولاءِ کان مارچ تائين پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 28.029 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 21.038 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 24.66 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 22.89 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ 7.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن مُدي ۾ ملڪي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 43.33 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 39.05 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو توازن 1.859 ارب ڊالر رهيو. گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو 1.652 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 1.644 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 1.442 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن موجب 11 اپريل 25ع تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.662 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 12 اپريل تي مٽاسٽا جي ملڪي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 13.374 ارب ڊالر هو. 23 اپريل تي ايڪسچينج ريٽ 281 رپيا هو، گذريل سال 23 اپريل تي ايڪسچينج ريٽ 278.4 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. وزارت موجب مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ ايف بي آر جي محصولن جو ڳاڻيٽو 8.453 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 6.711 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 25.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ نان ٽيڪس روينيو جو ڳاڻيٽو 3.922 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 2.267 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 72.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ مالي خساري جو ڳاڻيٽو 2.524 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مالي سال جي ان مُدي ۾ 3.224 ٽريلين رپيا هو. پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽو 3.452 ٽريلين رپيا رهيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 3.224 ٽريلين رپيا رهيو. پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽو 3.452 ٽريلين رپيا رهيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 1.834 ٽريلين رپيا هو. جولاءِ کان فيبروري 25ع تائين جي مُدي ۾ زرعي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 1655 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 1434 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 15.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نجي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 692.5 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 105 ارب رپيا هو. 11 اپريل 25ع تائين زرعي توسيعي (ايم ٽو) ۾ 2.9 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. وزارت موجب 10 مارچ تي پاليسي ريٽ 12 سيڪڙو هو، گذريل سال 18 مارچ تي پاليسي ريٽ 22 سيڪڙوجي بلند شرح تي هو. جولاءِ کان مارچ تائين سراسري مهانگائيءَ جي شرح 5.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 20.7 سيڪڙو هئي. مارچ ۾ مهانگائيءَ جي شرح 0.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل سال مارچ ۾ 27.1 سيڪڙو هئي. وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ سالياني بنيادن تي 1.9 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. وزارت موجب جاري مالي سال دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان تيزي رهي جنهن سان ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. 23 اپريل 24ع تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 71359 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو، 23 اپريل 25ع تي انڊيڪس 117226 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو. نَون ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ سالياني بنيادن تي 25.2 سيڪڙو جي شرح جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ 43.5 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي آهي.