اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ون ڊاڪيومينٽ رجيم پاليسيءَ تحت هن وقت تائين 9 لک 7039 افغاني واپس وڃي چڪا آهن. ٻئي مرحلي تحت 25 هزار افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز سميت 84869 افغانين کي واپس موڪليو ويو آهي. ان مان 75 سيڪڙو اهڙا افغاني هئا جن وٽ ڪي به دستاويز نه هئا. 30 اپريل کانپوءِ ري سيٽلمينت لاءِ پاڪستان ۾ موجود افغانين جو ڪيس ٽو ڪيس جائزو ورتو ويندو. هي مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغانين کي سندن وطن موڪلڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي هٿيارن بابت رپورٽ تي پاڪستان جي مؤقف جي تائيد ڪئي وئي آهي. هو ڪالهه پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور موجود افغان شهرين جي واپسيءَ لاءِ مقرر مُدي ۾ ڪابه واڌ نه ٿيندي، ڪو ائين سوچي به نه. هن چيو ته حڪومت هڪ ٻيو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان چئني صوبن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اڄوڪي ڏينهن کان جيڪڏهن ڪنهن غير قانوني غير ملڪي شهريءَ کي ڪِرائي تي ڪا جاءِ، دڪان يا گهر ڏيندو ته اهو به ذميدار هوندو، صرف ان غير ملڪي کي گهر، دڪان يا روزگار ڏئي سگهجي ٿو جنهن وٽ قانوني دستاويز هجن، اهڙيءَ طرح هوٽل ۾ رهائش ملڪيتن جي خريداري پاڪستاني شهري ان شخص سان ڪري سگهن ٿا جنهن وٽ قانوني دستاويز هجن. هن ٻُڌايو ته پرڏيهين جي بي دخلي جي پهرين اپريل کان شروع ٿيل ٻئي مرحلي ۾ 18 اپريل تائين 84869 افغان شهرين کي انهن جي ملڪ موڪليو ويو آهي. انهن مان 25320 افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز آهن باقي ماڻهن وٽ ڪي به دستاويز نه هئا ۽ نه ئي انهن ڪنهن قسم جي رجسٽريشن ڪرائي هئي. انهن ماڻهن کي چئن صوبن ڪشمير، گلگت بلتستان مان واپس موڪليو ويو. انهن ماڻهن کي سڀ کان پهرين ٽرانزٽ پوائنٽ تي رکيو ويو جيڪي سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ آهن جن جو انگ 38 آهي. هڪ اسلام آباد ۾، 2 ڪي پي ڪي ۾، 2 سنڌ ۽ 2 بلوچستان ۾ آهن. اهڙيءَ طرح گلگت بلتستان ۽ ڪشمير آهن. هن جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ واپس موڪليا ويندا افغان پناهگيرن لاءِ قائم ڪيل ٽرانزٽ پوائنٽ ڪو ٿاڻو يا جيل ناهي پر حج ڪامپليڪس آهي جتي هر طرح جون سهولتون موجود آهن. هن چيو ته پاڪستاني پرڏيهي وزارت افغان حڪومت سان رابطي ۾ آهي ته جيئن انهن جا شهري جڏهن افغانستان پهچن ته اتي باعزت ۽ پُرامن طور آباد ٿي سگهن. هن چيو ته اڄ افغان وفد سان ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ سندن مسئلن ۽ انهن جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جلد نائب وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وفد افغانستان ويندو. طلال چوڌري چيو ته افغانستان جا شهري پاڪستان جا مهمان هئا، جن کي 40 سالن تائين مهمان طور رکيو ويو. پاڪستان جي جيڪا سگهه هئي ان مطابق افغان شهرين جي خدمت ڪئي وئي. هن جديد دنيا ۾ قانوني دستاويزن کانسواءِ ڪنهن به ملڪ ۾ رهڻ ممڪن ناهي. پرڏيهه مان تمام گهڻيون شڪايتون مليون ته پاڪستان جا جعلي پاسپورٽ ۽ سُڃاڻپ دستاويز انهن ماڻهن استعمال ڪيا جيڪي پاڪستاني شهري نه هئا. اهڙا هزارين پاسپورٽ پرڏيهه ۾ پڪڙي ويا، جن جي پاڪستان کي شڪايت ڪئي وئي.