راولپنڊي-18 اپريل (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي جي ضلعي سوات ۾ آپريشن ۾ 4 دهشتگرد ماري ڇڏيا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سوات ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. سيڪيورٽي اهلڪارن جي خوارجين جي ٺڪاڻن تي اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 4 خوارجي مارجي ويا. مارجي ويلن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود هٿ آيو. مارجي ويل علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪنهن به امڪاني خوارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن به ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.