اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سوات ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير 4 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادريءَ سان 4 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. هن واضح ڪيو ته خوارجي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي مڪمل تائين آپريشن جاري رهندو. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي امن جو گهوارو بنائڻ لاءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز پُرعزم آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن دهشتگردن کي ڪٿي به لِڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي.