ڪوئيٽه-18 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ايندڙ وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان کي ٻين صوبن کان وڌيڪ فنڊ مهيا ڪندي. اُڏام پاڪستان لاءِ سڀني صوبن جي هڪجهڙي ترقي ضروري آهي. 2018ع جو سانحو 1971ع جي سانحي جيترو وڏو هو جنهن پاڪستان کي سياسي بحران طرف ڍڪي ڇڏيو، جنهن کي صادق ۽ امين چيو ويو، هن 190 ملين پائونڊ جو ڌاڙو هنيو. پي ٽي آءِ کي ريلين ۽ احتجاج بدران پنهنجي ليڊر جو گهيرو ڪرڻ گهرجي. بلوچستان حڪومت اُڏام پاڪستان جو حصيدار آهي ان سان گڏجي انهن منصوبن کي پڄاڻيءَ تي پهچائينداسين، اسان جو فوڪس عام ماڻهوءَ تي هوندو. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪوئيٽه ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اُڏام پاڪستان تحت پاڪستان جي معيشت کي ٽريلين ڊالرن تائين پهچائينداسين. پاڪستان ۾ 2010ع ۾ ٿيل آئين سازيءَ کانپوءِ صوبن کي خودمختياري ملي وئي، هاڻ اُڏام پاڪستان لاءِ صوبن جو ڪردار وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان پاڪستان جو اهم صوبو آهي، مستقبل جي حوالي سان معدني وسيلن سبب بلوچستان امير ترين صوبو بنجي سگهي ٿو. ڪڇي ڪينال ذريعي بلوچستان سرسبز بنجي ويندو، بلوچستان جا نوجوان باصلاحيت آهن، صوبي جي ترقي ۽ منصوبن کي هم آهنگ ڪنداسين. هن چيو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ بلوچستان جو حصو وڌيڪ رکيو ويو آهي پر ايندڙ بجيٽ ۾ ٻين صوبن کان وڌيڪ بجيٽ بلوچستان کي ڏينداسين. هن چيو ته ڪوئيٽه، زوب، ڊيرا اسماعيل خان، ڪوئيٽه- ڪراچي شاهراهه سميت ٻين جي تعمير سان صوبو ترقي ڪندو. مير سرفراز بگٽي جي اڳواڻيءَ ۾ بلوچستان ۾ اُڏام ڀريندڙ صوبو بنجي ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته بلوچستان اُڏام پاڪستان جو پارٽنر آهي، ان سان گڏجي منصوبا مڪمل ڪنداسين، اسان جو فوڪس عام ماڻهوءَ تي آهي، ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي احسن اقبال چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي بحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. ترقياتي منصوبن کي روڪڻ لاءِ دهشتگردي ڪئي وئي، گوادر روڊ تي 43 ايف ڊبليو جا اهلڪار شهيد ڪيا ويا، هي دهشتگرد ڇو استادن، مزدورن ۽ هٿين خالي ماڻهن کي ٽارگيٽ بنائي رهيا آهن، اسان سندن راند کي ناڪام بنائينداسين. بلوچستان جي ترقي ڪوبه روڪي نٿو سگهي پر هي ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن اسان سڀ گڏ هلنداسين. هن چيو ته 2014ع ۾ ٽريڪ تي هئاسين جنهن جي عالمي ادارن تصديق ڪئي. 2018ع جو سانحو 71ع جي سانحي جهڙو هو، پاڪستان کي سياسي بحران طرف ڍڪيو ويو جنهن کي صادق ۽ امين چيو ويو ان 190 ملين پائونڊ جو ڌاڙو هنيو، برطانيه ملڪ رياض کان 190 ملين پائونڊ ضبط ڪيا ته پاڪستان جي عوام جو پئسو آهي پر هن اها رقم واپس ڪرڻ بدران ملڪ رياض کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪرپشن خلاف آهن، هر ڪنهن کي چور چون ٿا پر انهن جي پنهنجي ليڊر جي چوري کين نظر نٿي اچي. پي ٽي آءِ جو فرض آهي ته اهي پنهنجي ليڊر جو گهيرو ڪن.