اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي جمهوريه روانڊا جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون وارو وزير اوليور جي پي ندوهنگري 21 کان 22 اپريل تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته دوري دوران پرڏيهي وزير ندوهونگيري نائب وزيراعظم سان ملاقات ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم ۽ سينيٽ چيئرمين سان ملاقات کانسواءِ روانڊا جو پرڏيهي وزير اهم وفاقي وزيرن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ جمهوريه روانڊا جي هاءِ ڪميشن جو باضابطا افتتاح پڻ ڪندو.