اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ هنگري سفارتڪاري، ثقافت ۽ ثقافتي ورثي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ۽ امن جي لاءِ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آيل هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير پيٽر سيجارٽو جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي وفدن جي قيادت ڪئي جنهن کانپوءِ مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ٿيون. ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ هنگري زراعت، صحت جي سارسنڀال، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي مينوفيڪچرنگ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن سان ثقافتي لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملندي، ٻنهي ملڪن هن سال سفارتي لاڳاپن جي 60هين سالگرهه ملهائي، اها حصيداري سياسي، اقتصادي، سائنسي ۽ ثقافتي شعبن ۾ وڌي آهي. هن پاڪستان ۽ هنگري کي قابل اعتماد دوست ۽ حصيدار قرار ڏيندي چيو ته ڌرين گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم هنگري جي ”ايسٽرن اوپننگ پاليسي“ تحت لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جيڪا هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اورهان جي قيادت ۾ تيار ڪئي وئي آهي ۽ پاڪستان جي ويزن سان هم آهنگ آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي ترقي ۾ هنگري جي تعاون ۽ ملڪ ۾ هنگري جي ايم او ايل گروپ جي ڪامياب آپريشنز کي ساراهيندي چيو ته تازو ئي منعقد ٽئين گڏيل ڪميشن زراعت، پاڻي جي انتظام ۽ ٻين شعبن ۾ هنگري جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي. هن چيو ته هنگري جي وزير جي وفد ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 17 واپارين جي موجودگي تازو ئي منعقد بزنس فورم دوران گڏيل تعاون جي موقعن کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ايس پي پلس اسڪيم جي لاءِ هنگري جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو ته دوري دوران مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن سان ثقافتي لاڳاپن کي نئين تحريڪ ملندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سفارتي پاسپورٽ رکندڙن جي لاءِ ويزا جي شرطن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن جنهن سان حڪومت سان حڪومت ۽ عوامي رابطا وڌيڪ گهرا ٿيندا. نائب وزيراعظم ميڊيا کي ٻڌايو ته ملاقات دوران هن ڄمون ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي اصولي موقف تي زور ڏنو ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي فلسطيني ڪاز جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن هنگري جي وفد کي افغانستان جي صورتحال ۽ ان سان واڳيل سيڪيورٽي چئلينجز کان پڻ آگاهه ڪيو. ڌرين يوڪرين جي تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير پيٽر سيجارٽو سفارتي پاسپورٽ رکندڙن جي لاءِ ويزا جي شرطن کي ختم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي ۽ هنگري پاران ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي سياست ۾ گڏيل احترام کي اولين ترجيح حاصل هجڻ گهرجي. هن چيو ته تنقيدي روين عالمي سياست ۾ مسئلن کي جنم ڏنو آهي، عالمي سياست کي بلاڪس ۾ ورهائڻ بدران رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هنگري جي پرڏيهي معاملن واري وزير ثقافتي تعاون جي معاهدن بابت چيو ته ٻنهي ملڪن جي تاريخ ۽ ثقافتي ورثو مضبوط آهن. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي هن خطي ۾ سلامتي جي سنگين چئلينجز خاص طور تي افغانستانجي صورتحال بشمول دهشتگردي ۽ غيرقانوني لڏپلاڻ جي خطرن جو اعتراف ڪيو. هن پاڪستان ۾ جي ايس پي پلس پروگرام جي توسيع جي لاءِ هنگري جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ان کي گڏيل مفاد ۾ قرار ڏنو. هن پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ واپاري ماپي کي ٻيڻو ڪرڻ سميت اقتصادي تعاون ۾ تازي ڪاميابين جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته هنگري پاڪستان ۾ مسيحي برادري جي لاءِ 16 انساني همدرديءَ جا پروگرام ڪيا آهن ۽ پاڪستاني شاگردن کي ساليانو 400 وظيفن جي آڇ ڪئي آهي. هن پاڪستان ۾ گذريل 25 سالن ۾ هنگري جي ڪمپني ايم او ايل جي 400 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جو حوالو ڏنو جنهن جو مقصد پاڪستان جي توانائي جي حفاظت ۽ هنگري جي اقتصادي مفادن کي فروغ ڏيڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هنگري فوڊ سيڪيورٽي، واٽر مئنيجمينٽ ۽ ميڊيڪل ٽيڪنالاجيز ۾ تعاون جي آڇ ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم خصوصي ايلچي جي مقرري سميت افغانستان سان رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر پنهنجي ڪابل جي ايندڙ دوري جو پڻ اعلان ڪيو. ان کان اڳ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير پيٽر سيجارٽو سفارتي پاسپورٽ رکندڙن جي لاءِ ويزا کان ڇوٽ جي معاهدي ۽ ثقافت ۽ آثار قديمه جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مفاهمت جي ٻن يادداشتن تي صحيحون ڪيون.