اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان (ن) ليگ جي اڳواڻ طاهره اورنگزيب ملاقات ڪئي. طاهره اورنگزيب وفاقي وزير کي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان ريلوي جي ڪامياب آپريشن ۽ ترقيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته حنيف عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ريلوي وڌيڪ ترقي ڪندي ۽ ان جي خدمتن ۾ بهتري ايندي ۽ ريلوي جو نظام وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ريلوي جي مستقبل جي حوالي سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.