اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارچ 2025ع ۾ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ 1.2 بلين ڊالر سرپلس جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ جو سرپلس ۾ هجڻ معيشت جي مستحڪم هجڻ جو عڪاس آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته الحمدالله هن مالي سال جي 9 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 1.85 ارب ڊالر رهيو، تازا مثبت معاشي انگ اکر حڪومتي پاليسين جي صحيح رخ هجڻ جو مظهر آهن. وزيراعظم چيو ته رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو، وڌندڙ روانگي واپار ۽ حڪومتي معاشي ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن سان ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ممڪن ٿيو، اسان ملڪي معيشت جي پائيدار ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.