اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت اچڻ تي هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير پيٽر سيجارٽو جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي وزيرن بعد ۾ هڪ ڪارائتي ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ وسيع ايجنڊا جو احاطو ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڌرين ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ متاثر ڪندڙ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، توانائي، زراعت، سائنس، ثقافت ۽ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير گهڻ رخي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو جڏهن ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ ايم او يوز تي پڻ صحيحون ڪيون ويون انهن ۾ ثقافتي مٽاسٽا پروگرام (2025/2027ع) کانسواءِ آثار قديمه ۽ ورثه تعاون، سفارتي پاسپورٽ جي لاءِ ويزا جي ڇوٽ شامل آهي. هن دوري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 60 سال مڪمل ٿيڻ تي امن، سلامتي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ مضبوط حصيداري ۽ عزم کي سگهه ڏني آهي.