اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي، قوم ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي گامزن ٿي چڪي آهي، ڀرپور قوت ۽ اعتماد سان ٽيم پاڪستان ملڪ کي ترقي سان همڪنار ڪندي، بلوچستان ۾ اين 25 شاهراهه جي مخالفت تنگ نظري هوندي، اهو منصوبو بلوچستان جي عوام جي دل جو آواز آهي، سياسي ۽ عسڪري قيادت سڀني کي گڏ کڻي اڳتي وڌڻ جو ويزن رکي ٿي، 2 سالن ۾ اهو منصوبو پڄاڻي تي پهچندو، اسلام آباد ۾ رنگ روغن ۽ نئين اسڪوائر جي تعمير سان وفاقي گادي واري شهر ۾ وڌيڪ خوبصورتي ۽ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح اسڪوائر مري روڊ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيرن، خاص معاونين، اسيمبلي ميمبرن کانسواءِ وفاقي حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم وفاقي گادي واري شهر ۾ توسيع ۽ رنگ روغن جي منصوبن تي گهرو وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ ٽريفڪ جي نظام ۾ تمام گهڻي بهتري اچي چڪي آهي. نئين منصوبن سان اسلام آباد وڌيڪ خوبصورت شهر بڻجي ويندو. اسلام آباد ۾ گل ۽ ٻوٽا وفاقي گادي واري شهر جي حُسن کي وڌائي ڇڏيندا. اسلام آباد نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ خوبصورتي جي لاءِ مثال بڻايو ويندو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته 60 بدران 35 ڏينهن ۾ اسڪوائر جي تعمير جو هدف پورو ٿيندو. هن چيو ته هي نه شهباز اسپيڊ آهي نه ئي محسن اسپيڊ هي پاڪستان اسپيڊ آهي. گڏيل ڪوششن سان پاڪستان جي عالمي سطح تي درجابندي ۾ بهتري آئي آهي. ملڪي معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي. قوم ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي گامزن ٿي چڪي آهي. ڀرپور قوت ۽ اعتماد سان ٽيم پاڪستان ملڪ جي ترقي جو سفر طئي ڪندي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي عوام جي لاءِ ڪراچي، قلات، خضدار، ڪوئيٽا، چمن شاهراهه (اين 25) وفاق پاران تحفو آهي. اهو خوني رستو 2 هزار حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي، هاڻي اهو موٽروي بڻجندو ۽ آئون پاڻ ان جي نگراني ڪندس. وزيراعظم چيو ته اسان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪو اضافو نه ڪيو پر گذريل 15 ڏينهن ۾ جيڪي قيمتون گهٽ ٿيون انهي پئسي کي پاڪستان جي جاگرافيائي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي بلوچستان جي هڪ اهم رستي جي تعمير جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته 2010ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو 100 سيڪڙو وڌايو ويو هو، چئني صوبن ۽ وفاق گڏجي اهو فيصلو ڪيو هو. ان ۾ سڀ کان وڏو حصو پنجاب جو هو، آئون پاڻ ان وقت خادم پنجاب هئس. بلوچستان ۾ فاصلا سوين نه هزارين ميل جا آهن. بلوچستان ۾ سيڙپڪاري انهي حساب سان ٿيڻ گهرجي. عوام اسان جو فيصلو خوشي سان قبول ڪيو آهي. پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ موٽرويز آهن. بلوچستان جي لاءِ به اهڙو وڏو منصوبو وقت جي ضرورت ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي دل جو آواز آهي. ان منصوبي جي مخالفت تنگ نظري هوندي. پاڪستان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کانسواءِ 4 وفاقي اڪائين سان بڻجي ٿو. انهن جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، ڪنهن به هڪ وفاقي اڪائي جي پٺتي رهجي وڃڻ سان پاڪستان جي ترقي متاثر ٿئي ٿي. اهو سياسي ۽ عسڪري قيادت جو ويزن آهي ته سڀني کي گڏ کڻي اڳتي وڌيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ان رستي کي هڪ اعليٰ معيار جو منصوبو ٺاهينداسين. 23 – 2022ع ۾ ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو ته ان جي لاءِ 214 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو هو. اڄ ڪاٿو 300 ارب رپين کان به وڌي ويو. ان منصوبي کي 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان جي تڪميل سان پاڪستان جي عوام ان تي فخر ڪندي ۽ خوني رستو ترقي ۽ خوشحالي جي رستي ۾ تبديل ٿيندو. ان کان اڳ وزيراعظم جناح اسڪوائر مري روڊ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکيو.