ڪراچي/اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي سيد مراد علي شاهه سان وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان ملاقات ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته رابطا ڪاريءَ ذريعي صوبي جا نوجوان مختلف ملڪن ۾ روزگار، وزٽس ۽ تعليم لاءِ موڪليا ويندا. ڪالهه وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نوجوانن کي اڳتي آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت سنڌ جي نوجوانن کي به بهتر نوڪريون ۽ پرڏيهه دؤرن جا موقعا ڏنا وڃن. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين چيو ته پاڪستان مان هنرمند نوجوانن کي سڄي دنيا ۾ موڪلڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين ۽ سنڌ حڪومت جي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز واري کاتي وچ ۾ رابطا ڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.