ڪراچي-17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي عظيم تاريخي ورثو رکي ٿي، هتان پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح ۽ ٻين عظيم شخصيتن تعليم حاصل ڪئي، هي قومي اهميت وارو ادارو آهي ان لاءِ پاڪستان حڪومت خاص ڪري وزيراعظم يوٿ پروگرام سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي قومي ۽ عالمي سطح تي ترقيءَ جا بيشمار موقعا فراهم ڪندو. اهڙو اظهار هن سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ جي دؤري جي موقعي تي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن حشمت لوڌي يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر، آءِ ٽي ٽاور ۽ اتي قائم آرٽيفيشل انٽيليجنس ليب، بزنس انڪيوبيشن سينٽر ۽ ٻين شعبن جو دؤرو ڪيو. يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ سنڌ بابت وزيراعظم يوٿ پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر فهد شفيق ساڻس گڏ هئا. هن حشمت لوڌي ڊولپمينٽ سينٽر، اي آءِ ليب ۽ ٻين شعبن جي شاگردن جي مدد ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي جي سر شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جي شاگردن، استادن ۽ آفيسرن کي خطاب ڪندي رانا مشهود احمد خان چيو ته هيءَ يونيورسٽي عظيم تاريخي ورثو رکي ٿي. هتان قائداعظم محمدعلي جناح ۽ ٻين عظيم شخصيتن تعليم حاصل ڪئي هئي. هي قومي اهميت وارو ادارو آهي، ان لاءِ پاڪستان حڪومت خاص ڪري وزيراعظم يوٿ پروگرام سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي جي شاگردن کي قومي ۽ عالمي سطح تي ترقيءَ جا بيشمار موقعا فراهم ڪندي. هن چيو ته نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسان جي ملڪ جو روشن مستقبل آهن پر اها به حقيقت آهي ته ملڪ کي وڏا چئلينجز سامهون آهن، ان لاءِ انهن نوجوانن جي قومي ذميداري آهي ته اهي ملڪ کي وڌيڪ فعال ۽ ترقي يافته بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام سڄي ملڪ جي نوجوانن لاءِ بنا فرق جي اعليٰ تعليم، فني تعليم ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پهريون ڀيرو يوٿ ڊولپمينٽ پاليسي وفاقي ڪابينه ۾ پيش ڪئي وئي، ٻئي طرف هڪ ڊجيٽل يوٿ هب جي شروعات ڪئي وئي آهي جتي نوجوان قومي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي ڪامياب ڪيريئر جا ڪيترائي موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ کي ماحولياتي تبديلين کان بچائڻ لاءِ ماحولياتي ماهر تيار ڪرڻ لاءِ ملڪ جي يونيورسٽين ۾ گرين يوٿ موومينٽ ڪلب به شروع ڪيو ويو آهي. هن ملڪ جي نوجوانن لاءِ اهڙيءَ طرح جي ٻين پاليسين جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اهي سموريون ڪوششون نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي ڊاڪٽر مجيب صحرائي، چيئرمين کي يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۽ هتي شاگردن کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ نوجوانن جي مستقبل بابت ٻُڌايو. هن چيو ته تقريبن 3 هزار شاگرد آءِ ٽي جي مختلف پروگرامن ۾ داخل آهن. آءِ ٽي ٽاور ۾ هڪ هڪ فلور بزنس انڪيوبيشن سينٽر ۽ اي آءِ ليب لاءِ رکيو ويو آهي، جتي نوجوانن جي ڪيريئر جي ترقيءَ لاءِ ڪيتريون ئي سرگرميون ۽ تربيت منعقد ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته نوجوانن کي ٻين ذريعن جهڙوڪ سولر انرجي، هائيڊل پاور ۽ ونڊ انرجي کان علاوه پاڪستان ۾ يوٿ انرجي به موجود آهي، جيڪو ملڪ جي ترقيءَ لاءِ تيار ۽ درست طريقي سان استعمال ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي بهتريءَ لاءِ وڏي وزير جي ڪردار کي ساراهيندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته سيد مراد علي شاهه صوبي جي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين جي ڪم کي سهڻي نموني سان هلائڻ لاءِ ذڪر جوڳيون ڪوششون ڪيون آهن. هن چيو ته وڏي وزير مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ ۾ واڌ ڪري خاص طور سنڌ جي پُراڻين يونيورسٽين کي انهن جي مالياتي بحران سبب تباهه ٿيڻ کان بچايو. هن جو چوڻ هو ته وفاقي هائر ايجوڪيشن ڪميشن سان گڏوگڏ سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن به صوبي ۾ اعليٰ تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ نوجوانن جي تربيت لاءِ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن تجويز ڏني ته وفاقي ايڇ اِي سي کي گهرجي ته هو ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ ۾ ملڪ جي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ واڌ ڪري.