اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته قوم جو مستقبل قدرتي وسيلن سان نه پر علم پيدا ڪرڻ جي صلاحيت سان شاندار ٿيندو، پاڪستان جا سائنسدان ۽ انجنيئر اسان جي ترقي جي سفر ۾ مرڪزي ڪردار رکن ٿا. پاڪستان جي روانگي واپار کي ٽيڪسٽائل سان ٽيڪنالاجي طرف منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي، زراعت ٽيڪنالاجي، صحت ٽيڪنالاجي، تعليم ٽيڪنالاجي جهڙا جديد شعبا ترقيءَ جي ڪُنجي آهن، پاڪستان کي پنهنجو وڃايل علمي ورثو ٻيهر حاصل ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن ڪالهه پاڪستان اڪيڊمي آف سائنس ۾ رٿيل سائنس ٽيڪنالاجي ۽ ڊولپمينٽ انجنيئرنگ جي موضوع تي پاليسي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، اسان جي قوم جو مستقبل قدرتي وسيلن سان نه پر علم پيدا ڪرڻ جي صلاحيت سان شاندار ٿيندو. احسن اقبال چيو ته اسان کي پنهنجي سائنس ٽيڪنالاجي ۽ انجنيئرنگ جي بنيادي ڍانچي کي قومي ترقيءَ جي هدفن سان گڏائڻ جي ضرورت آهي، اسان هتي ملڪ کي ٽيڪنو اڪانومي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، اسلام موجب علم حاصل ڪرڻ اسان جو فرض آهي. قرآن شريف اسان کي ڪائنات جي دريافت جي تلقين ڪري ٿو. هن چيو ته مسلم اسپين (انڊلس) ۾ 70 پبلڪ لائبريريون هيون جتي يورپ کي دنيا جو علم عربيءَ ۾ متعارف ڪرايو ويو، مسلم دنيا عالمي آباديءَ جي 25 سيڪڙو نمائندگي ڪري ٿي پر سائنس ۽ ترقي ۾ مسلمان ملڪن جو 2 سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجو وڃايل علمي ورثو ٻيهر حاصل ڪرڻو پوندو، اڄ جي ڊوڙ ۾ قومون تيل، گيس نه پر هنر ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي بنياد تي مقابلو ڪري رهيون آهن. ڏکڻ ڪوريا، سنگاپور، اسرائيل سائنس ٽيڪنالاجي ۾ جدت ذريعي اڪنامڪ سپر پاور بڻجي ويا. هن چيو ته پاڪستان جا سائنسدان ۽ انجنيئر اسان جي ترقيءَ جي سفر ۾ مرڪزي ڪردار رکن ٿا. دانش يونيورسٽيءَ جو قيام پاڪستان جي فني ترقيءَ جي جستجو ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن چيو ته روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت اُڏام پاڪستان منصوبي جي نبض آهي. پاڪستان جي روانگي واپار کي ٽيڪسٽائل سان نه ٽيڪنالاجي طرف منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي، زراعت ٽيڪنالاجي، صحت ٽيڪنالاجي، تعليم ٽيڪنالاجي جهڙا جديد شعبا ترقيءَ جي ڪُنجي آهن، ڪالهه ئي 300 زرعي سائنسدانن جو هڪ گروپ چين ۾ ٽريننگ لاءِ پاڪستان مان روانو ٿيو، اهي ماڻهو گرين انقلاب 3.0 جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا. زرعي سائنسدانن جي هن گروپ ۾ 50 سيڪڙو عورتون شامل هيون، عورتن لاءِ ٽيڪنالاجي تائين رسائيءَ کي يقيني بنائڻ اسان جي ترجيح آهي.