اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي معيشت کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي ٽاسڪ ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جي بهتري ۽ غيررسمي مساوي معيشت جو خاتمو حڪومت جي سڌارن جي ايجنڊا جو اهم جز آهي، ملڪي معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ فوري طور تي هڪ متحرڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪي معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ فوري طور تي هڪ متحرڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ نظام کي جديد رخن تي قائم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم رمضان پئڪيج جي پهچ جي لاءِ ڊيجيٽل والٽ جي ڪامياب نظام کي ساراهيو ۽ ان کي وڌيڪ سيڪٽرز ۾ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي وزيراعظم جي هدايت تي رمضان پئڪيج کي مڪمل طور تي ڊيجيٽل طريقي سان ماڻهن تائين پهچايو ويو. اجلاس کي معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ جاري قدمن ۽ مستقبل جي قدمن ۽ تجويزن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ آءِ سي ٽي ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ حڪومتي خدمتون ميسر آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته راست گيٽ وي جي ذريعي ادائيگين جي ماپي ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي جڏهن ته حڪومت اسٽيٽ بئنڪ سان گڏجي ان جي روزاني جي ٽرانزيڪشنز ۾ استعمال وڌائڻ جي لاءِ قدم تيز ڪري رهي آهي. اجلاس کي حڪومت جي 5 نقاطي حڪمت عملي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ڊيجيٽل ادائيگين جي وصولي يقيني بڻائڻ، ڪيش جي مقابلي ۾ ڊيجيٽل ادائيگين جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ خريدارن ۽ ڪاروبارن کي مختلف سهولتون ڏيڻ، حڪومتي ادائيگين کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آگاهي سان گڏوگڏ ڊيٽا جي مانيٽرنگ جي حڪمت عملي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جون سموريون سرڪاري ادائيگيون بشمول پگهارون ۽ ٻيون بلنگ ڊيجيٽل نظام تحت ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم انهن سمورن قدمن جي لاڳو ۽ نگراني جي لاءِ فوري طور تي هڪ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.