جنيوا-19 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته قدرتي آفتن جي تباهي کان محفوظ رکڻ لاءِ اڳواٽ آگاهي وارو نظام ضروري آهي، انهن آفتن سبب هر سال لکين ماڻهو فوت، بي گهر يا ٻين مشڪلاتن جو شڪار ٿيندا آهن. گذريل سال به لکين ماڻهو قدرتي آفتن سبب لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي واري اداري ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن (ڊبليو ايم او) پنهنجي اسٽيٽ آف دي گلوبل ڪلائيميٽ نالي سالياني رپورٽ ۾ چئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غريب ملڪ طوفانن، ڏڪار، ٻيلن ۾ باهه ۽ اهڙي طرح جي ٻين آفتن کان شديد متاثر ٿيندا آهن. ڊبليو ايم او چيو ته موسمياتي آفتن سبب بي گهر ماڻهن جو رڪارڊ انگ انٽرنيشنل ڊسپليسمينٽ مانيٽرنگ سينٽر ( آءِ ڊي ايم سي) جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي جيڪو 2008ع کان ان موضوع تي ڊيٽا گڏ ڪري رهيو آهي. رپورٽ موجب موزمبيق ۾ سامونڊي طوفان چيڊو سان اٽڪل هڪ لک ماڻهو بي گهر ٿيا، اسپين جي شهر ويلنشيا ۾ ٻوڏ سبب 224 ماڻهو فوت ٿيا، ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي ٻيلن ۾ تباهي آڻيندڙ باهه سبب 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو محفوظ هنڌن جي ڳولا ۾ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. ڊبليو ايم او جي چيف چيو ته سندن ادارا ۽ عالمي برادري وقت کان اڳ وارننگ جي نظام ۽ موسمياتي خدمتن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري رهيا آهن. ڊبليو ايم او چاهي ٿو ته 2027ع جي آخر تائين دنيا جي هر ماڻهو کي ان طرح جي نظامن ذريعي تحفظ ملي سگهندو. هن چيو ته دنيا جي سمورن ملڪن ۾ صرف اڌ آبادي وٽ ئي مناسب وقت کان اڳ اطلاع وارو نظام موجود آهي، اسان ترقي ڪري رهيا آهيون، پر وڌيڪ اڳتي وڌڻ ۽ تيز ڪم جي ضرورت آهي.