نئين دهلي – 19 مارچ (اي پي پي) ڀارتي رياست مهاراشٽر جي شهر ناگپور ۾ هندن جي هڪ گروپ مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي مقبري کي هٽائڻ جي مطالبي تي چڪريون ٿيون جنهن ۾ 15 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن چڪرين بعد اختيارين شهر جي ڪجهه حصن ۾ ڪرفيو لڳايو آهي. ڀارت جي ان شهر ۾ ٿيل پرتشدد واقعن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا جڏهن ته ڪيتريون گاڏيون تباهه ٿيون آهن. هڪ پوليس آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته تڪرار جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. مهاراشٽر جي وڏي وزير هڪ ويڊيو بيان ۾ تشدد جي مذمت ڪندي امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورا قدم کڻڻ تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته پوليس ڪمشنر کي هدايت ڪئي آهي ته امن امان لاءِ ضروري ۽ سخت قدم کنيا وڃن.