تهران -19 مارچ (اي پي پي)ايران چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان غير ذميوراڻو ۽ چڙڏياريندڙ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انهن خيالن جو اظهار گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيدا رواني سلامتي ڪائونسل جي نالي لکيل هڪ خط ۾ ڪيو. هن چيو ته اسان جو ملڪ يمن ۾ هٿيارن جي پابندي بابت سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي يا خطي ۾ عدم استحڪام جي ڪنهن به سرگرمي ۾ ملوث هجڻ جي ڪنهن به الزام کي رد ڪري ٿو. هن سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين عهديدارن غير ذميواراڻن ۽ اشتعال انگيز بيانن ۾ ايران تي بي بنياد الزام لڳايا آهن ۽ اسان خلاف طاقت جي استعمال جي ڌمڪي ڏني وئي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته يمن ۾ حوثين طرفان وڌيڪ حملن جو ذميوار ايران هوندو ۽ ايران کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.