واشنگٽن -19 مارچ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگبندي بابت ڳالهيون آچر تي سعودي عرب جي شهر جده ۾ ٿينديون. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي وچ اوڀر لاءِ خاص ايلچي اسٽيوو ٽڪوف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ فون فون ڪال جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ انٽرويو دوران چيو ته يوڪرين جنگ بندي جي معاهدي تي ڳالهيون آچر تي جده ۾ شروع ٿينديون. هن چيو ته سعودي عرب ۾ آمريڪي وفد جي قيادت پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار مائيڪ والٽز ڪندو، جڏهن ته اهو واضح ناهي ڪيو ته اهي ڳالهيون ڪنهن سان گڏ ٿينديون. هن ڪاري سمنڊ ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملن سان واڳيل جنگ بندي جو حوالو ڏيندي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته روس انهن ٻنهي معاملن تي اتفاق ڪيو آهي. مان يقين سان اميد ڪيان ٿو ته يوڪرين به ان تي متفق ٿينديون. هن چيو جيئن ته توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جا هدف ۽ ڪاري سمنڊ جي حوالي سان اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي. کيس يقين آهي ته هتي مڪمل جنگ بندي جو رستو گهڻو پري ناهي.