اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اتحاد ۽ يڪجهتي سان عوام کي بااختيار بڻائيندي اتفاق راءِ سان قومي اهميت جا فيصلا ڪري، حڪومت جون ڪجهه هڪطرفيون پاليسيون وفاق تي شديد دٻاءُ جو سبب بڻجي رهيون آهن، وفاقي ڌُرين جي شديد مخالفتن جي باوجود حڪومت جو سنڌو درياءَ مان وڌيڪ واهه ڪڍڻ جي هڪ طرفي تجويز جي صدر طور حمايت نٿو ڪري سگهان، حڪومت کي درخواست ڪريان ٿو ته اها ان تجويز کي ختم ڪري، جمهوريت جي گهرج گڏيل تعاون ۽ مفاهمت آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ پارليامينٽ کان بهتر ڪا جڳهه نه آهي، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافو ڪري، پارليامينٽ کي انتهاپسند نظرين جي خاتمي ۽ شدت پسندي جي خلاف قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هو 16هين پارليامينٽ جي ٻئي پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پارلياماني سال جي شروعات تي هن ايوان کي بطور سويلين صدر اٺون ڀيرو خطاب ڪرڻ منهنجو واحد اعزاز آهي، هي لمحو اسان جي لاءِ جمهوري سفر جي تسلسل جو عڪاس آهي، نئون پارلياماني سال پنهنجي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ، پاڪستان جي بهتر مستقبل جي تعمير جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو آهي. صدر چيو ته ايوان بهتر طرز حڪمراني، سياسي ۽ اقتصادي استحڪام جي فروغ تي ڌيان ڏي، اسان جي عوام پنهنجون اميدون پارليامينٽ سان واڳيل رکيون آهن، اسان کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي. هن چيو ته جمهوري نظام مضبوط ڪرڻ، قانون جي حڪمراني تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ جي لاءِ محنت جي ضرورت آهي، پاڪستان کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. هن ملڪ کي معاشي ترقي جي مثبت رستي تي وجهڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو، اسٽاڪ مارڪيٽ پڻ تاريخي بلند سطح تي پهچي وئي، حڪومت پاليسي ريٽ کي 22 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12 سيڪڙو ڪري ڇڏيو، ٻين معاشي انگن اکرن ۾ پڻ بهتري آئي. صدر چيو ته اسان جي ملڪ جي آبادي جو ڍانچو بدلجي چڪو آهي، اسان جي انتظامي مشينري ۾ اسٽريٽجڪ سوچ جي کوٽ ۽ آبادي ۾ اضافي حڪمراني جي مسئلن کي ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي، هن ايوان کي پنهنجي ذميوارين کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، ايوان گورننس، خدمتن جي فراهمي جي نتيجن کي نئين سر جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، وزارتن کي به پنهنجي ويزن ۽ مقصدن کي نئين سر مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزارتون ادراڪ ڪن ته عوام کي درپيش اهم مسئلن کي هڪ مقرر مدي ۾ حل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جمهوري ادارن تي عوامي اعتماد بحال ڪرڻ جي لاءِ ٺوس فائدا پهچائڻ جي ضرورت آهي، جمهوريت ۾ ڪجهه ڏيڻ ۽ وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي، گڏيل هدفن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ هن پارليامينٽ کان بهتر ٻي ڪهڙي جڳهه ٿي سگهي ٿي؟ چونڊيل نمائندن جي طور تي توهان قوم جي لاءِ رول ماڊل جي طور تي ڪم ڪريو ٿا، پارلياماني ڪم بابت سوچيو ته تنگ هدفن کان مٿانهون ٿي سوچيو، پارليامينٽ ميمبر اتحاد ۽ اتفاق جو سوچين جنهن جي اسان جي ملڪ کي سخت ضرورت آهي. توهان سڀني کي گذارش آهي ته پنهنجي ماڻهن کي بااختيار بڻايو، اتفاق راءِ سان قومي اهميت جا فيصلا ڪريو. هن چيو ته معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪريو، سماجي ۽ اقتصادي انصاف کي فروغ ڏيو، نظام ۾ انصاف ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو، ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ ان کي برابر طور تي ترقي ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته هي صديءَ ڪيترن ئي نئين عالمي چئلينجز جي صدي هوندي، يقيني بڻائڻو پوندو ته اسان جي عوام، پنهنجي مختلف خطن ۽ وسيلن سان قومي ترقي ۾ شامل ٿئي. هن چيو ته پختو يقين آهي ته هڪ مضبوط پاڪستان اهو آهي جتي ترقي جا ثمر سمورن صوبن ۽ شهرين کي برابري جي سطح تي پهچن، اسان کي هر وقت ۽ هڪ ٿي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ فعال طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي، يقيني بڻائڻو پوندو ته صوبو، ڪو ضلعو ۽ ڪو ڳوٺ پٺتي نه رهي، ايوان يقيني بڻائي ته ترقي رڳو ڪجهه چونڊيل علائقن تائين محدود نه هجي پر ملڪ جي هر ڪنڊڪڙڇ تائين پهچي، نظرانداز ۽ پٺتي پيل علائقن کي وفاقي حڪومت جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي، علائقن جي احساس محرومي ختم ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت ۽ معاشي موقعن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پارليامينٽ هڪ اهڙو فورم آهي جتي ڪنهن به احساس محرومي کي تعميري انداز ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو، ايگزيڪيوٽو برانچ سياسي همدرديءَ سان احساس محرومي جو ازالو به ڪري سگهي ٿي، هڪ ملڪ جي طور تي اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ لازمي آهي، اسان کي پنهنجي ٽيڪس نيٽ ۾ سڌارا ۽ توسيع ڪرڻ گهرجي، اڳ کان ٽيڪس ادا ڪندڙن تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران اها ڳالهه يقيني بڻائي وڃي ته هر اهل ٽيڪس ڏيندڙ قوم جي تعمير ۾ حصو وٺي، پاڪستان کي پنهنجي روانگي واپار ۾ واڌ آڻڻ گهرجي، قابل قدر شين ۽ خدمتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي آءِ ٽي انڊسٽري کي معاشي ترقي جو اهم محرڪ بڻائڻو پوندو، اسان کي ڊيجيٽل ۽ انفارميشن هاءِ ويز جي تعمير، آءِ ٽي پارڪس ۾ سيڙپڪاري، انٽرنيٽ تائين پهچ ۽ رفتار وڌائڻ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي لاءِ پائيدار سپورٽ جي ضرورت آهي، اسان کي قرضن تائين پهچ، طريقيڪار ۽ بيوروڪريٽڪ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو پوندو، اهڙيون پاليسيون ٺاهڻيون پونديون جيڪي نوجوانن جي شروع ڪيل ڪاروبار کي فروغ ڏين، اسان جي نوجوانن کي ايس ايم اي تي مرڪوز پروگرامن، هنرمندي جي منصوبن ۽ آسان قرض اسڪيمن جي ذريعي ڪاروباري دنيا ۾ داخل ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. صدر ايوان تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سيڙپڪارن، ننڍي ڪاروبارن ۽ عالمي ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان کي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام ٺاهڻ گهرجي، اڄ عام ماڻهو، مزدور ۽ پگهاردار طبقي کي شديد معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، اسان جا شهري مهانگائي، ضرورت جي شين جي بلند قيمتن ۽ توانائي جي وڌندڙ قيمتن جي بار هيٺ دٻيل آهن، آئون هن پارليامينٽ ۽ حڪومت تي زور ڏيان ٿو ته اهي ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي حقيقي ريليف فراهم ڪن، حڪومت کي ايندڙ بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي، پگهاردار طبقي تي انڪم ٽيڪس گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي جي لاڳت گهٽ ڪرڻ جا قدم کڻڻ گهرجن، اسان کي نوڪرين ۾ گهٽتائي کان بچڻ گهرجي، اسان جو ڌيان نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ تربيت يافته افرادي قوت جي استعمال تي هجڻ گهرجي. صدر چيو ته عورتن جي زندگي جي هر شعبي ۾ نمائندگي گهٽ آهي، مختلف شعبن ۾ عورتن جي نمائندگي کي وڌائي انهن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، حڪومت ۽ پارليامينٽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن موجب ڪمزور طبقي جي عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لکين خاندانن جي لاءِ هڪ اهم لائيف لائين آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پهچ ۽ رقم کي وڌيڪ وڌائڻ گهرجي، نوجوان اسان جي موجوده آبادي جو هڪ تمام وڏو حصو آهن، نوجوانن کي اميد ۽ حوصلو ڏيڻ جي ضرورت آهي، يقيني بڻائڻو پوندو ته ٻار پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر نه هجن، علم تي ٻڌل معيشت جي تعمير جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ، يونيورسٽين ۾ تحقيق وڌائڻ اسان جي بنيادي ترجيح هجڻ گهرجي. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته ايندڙ بجيٽ ۾ تعليمي شعبي جي لاءِ ميڪرو ليول تي مختص رقم ۾ اضافو ڪن، اسڪالرشپ ۽ مالي امداد جي پروگرامن جي ذريعي نوجوانن کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪن، پنهنجي سمورن شهرين جي لاءِ معياري صحت جي سارسنڀال تائين پهچ وڌائڻ ۽ غور ڪرڻو پوندو، ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ پوليو جي ڳڻتي جوڳي واقعن کي گهٽ ڪرڻو پوندو، بنيادي صحت جي سهولتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪي ۽ علائقائي رابطا خوشحال پاڪستان جي لاءِ بنيادي حيثيت رکندڙ آهن، اسان کي هڪ مضبوط ۽ موثر ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، روڊ نيٽ ورڪس ۽ جديد ريلوي جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان رابطن ۽ ترقي جي حوالي سان خصوصي ڌيان جا گهرجائو آهن، صدر چيو ته بلوچستان ۽ گلگت بلتستان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ سرحدون آهن، اسان جي قومي معيشت جي لاءِ لازمي آهن، انهن علائقن تي ڌيان ڏيڻ سان غربت ۾ گهٽتائي ايندي، نئين نوڪرين، مهارتن، منڊين سان معيشت کي فروغ ملندو. صدر چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۽ گوادر پورٽ اسان جي رابطن ۽ مواصلات جي ويزن ۾ مرڪزي حيثيت رکن ٿا، انهن منصوبن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان عالمي واپار جي لاءِ هڪ گيٽ وي جي طور تي ڪم ڪري سگهي. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته زراعت جي شعبي کي مستحڪم بڻائين، پاڻي جي پائيدار انتظام، موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي هنگامي ڪم جي لاءِ هم آهنگي ۽ تحريڪ جي ضرورت آهي، زراعت اسان جي معيشت جو هڪ اهم ٿنڀ آهي، زرعي شعبي ۾ جديد طريقي، بهتر ٻج جي تياري جي ضرورت آهي، زرعي تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري ۽ زمين کي وڌيڪ پيداواري بڻائي روزگار جا موقعا پيدا ڪن، فصل جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ، چوپائي مال جي پيداوار وڌائڻ ۽ خوراڪ جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ اسان جي آبادگارن کي جديد اوزارن سان ليس ٿيڻ گهرجي، خوراڪ جي پيداوار ۾ استحڪام ۽ پاڻڀرائپ اسان جو نصب العين هجڻ گهرجي، اسان کي پاڻي جي وڌيڪ دستيابي ۽ ان جي موثر استعمال تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڻي جي دستيابي جي لاءِ تاجڪستان کان بلوچستان تائين پاڻي آڻڻ جهڙن نئين حل تي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر آبپاشي جي نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ، پاڻي جي تحفظ ۽ ورڇ جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز جي استعمال تي زور ڏيندي چيو ته اسان جي ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، پاڪستان جي دريائن، ڍنڍن ۽ سامونڊي علائقن ۾ ماهيگيري جا غيراستعمال ٿيل موقعا موجود آهن، ڪمرشل سطح تي چوپايو مال پالڻ سان روزگار ۽ روانگي واپار جون نيون راهون کلي سگهن ٿيون. هن حڪومت تي زور ڏنو ته اها نوجوانن کي مراعتون، تربيت ۽ مدد فراهم ڪري، ماهيگيري ۽ چوپايو مال پالڻ جي صنعتن کي اسان جي معاشي مستقبل جو هڪ اهم حصو بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ماهيگيري ۽ چوپايو مال پالڻ ۾ چين سان وڌ کان وڌ تعاون جي ڪوشش ڪئي وڃي، پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي، اسان کي حياتياتي تنوع جي بحالي، خوراڪ جي تحفظ ۽ پاڻي جي حڪمت عملي ۽ ماحولياتي نظام جي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته قابل تجديد توانائي ۽ برقي گاڏين جي فروغ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، سنڌ جا تِمر جا ٻيلا هڪ روشن مثال آهي ته تحفظ جي ڪوششن سان ڇا نه ٿو حاصل ڪري سگهجي، مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌ ۾ اسان 2 ارب تِمر جا ٻيلا هنيا آهن، تمر جي ٻيلن سان سنڌ حڪومت کي ڪاربن ڪريڊٽ جي ذريعي خاطرخواهه مالي فائدا به حاصل ٿيا، اسان کي سنڌ جي مينگروز ماڊل کي فعال طور تي نقل ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته موجوده اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز جي ڏس ۾ سيڪيورٽي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، دهشتگردي کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي، پارليامينٽ کي انتهاپسنداڻي نظرين، تشدد جي حمايت ڪندڙ عسڪريت پسندي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اتفاق راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ دهشتگردن کي جيڪا ٻاهرئين سپورٽ ۽ فنڊنگ ملي رهي آهي ان کان اسان سڀ واقف آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، اسان ٻيهر دهشتگردي کي ڪَر کڻڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون. اسان پنهنجي قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج جي تعاون سان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، انٽيليجنس تي ٻڌل ڪامياب ڪاررواين جي نتيجي ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪس کي ختم ڪيو ويو، پوري قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، قوم سيڪيورٽي فورسز جي بهادري، لگن ۽ ملڪ جي لاءِ بي شمار قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته عسڪريت پسندي جون پاڙون محرومي ۽ اڻبرابري ۾ موجود هونديون آهن، دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ خطن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، روزگار پيدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا تبديلي جي مختلف مرحلن مان گذري رهي آهي، پاڪستان علائقائي امن، استحڪام ۽ اقتصادي انضمام جي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي پرڏيهي پاليسي سدائين قومي مفادن، عالمي تعاون، خودمختياري ۽ گڏيل احترام جي اصولن تي ٻڌل رهندي، اسان کي دوست علائقائي ملڪن سان واپار، معيشت، ماحول ۽ ثقافت جي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ گهرجي، اسان هڪ ذميوار ۽ امن پسند قوم جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، چين سان اسان جا لاڳاپا اسان جي سفارتڪاري جو سنگ بنياد آهن، اسان بيجنگ سان اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا رهنداسين، اسان چين سان پنهنجي آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين ۽ ون چائنا پاليسي جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته پنهنجي چين جي تازي دوري دوران مون چيني قيادت سان ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي، چيني قيادت کي علائقائي ۽ اقتصادي انضمام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني، سي پيڪ جا ثمر مختلف منصوبن جي ذريعي پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچندا، اسان پنهنجي قابل اعتماد دوستن، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيه ۽ ٻين جي تعاون کي دل جي گهراين سان ساراهيون ٿا، دوست ملڪ اقتصادي چئلينجن جي وقت اسان سان گڏ بيٺل رهيا. هن چيو ته اسان نار ۽ وچ ايشيا جي دوست ملڪن سان گڏوگڏ يورپي يونين، برطانيا ۽ آمريڪا سان پنهنجي پراڻي تاريخي، ثقافتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو ڪامياب دهشتگردي جي خاتمي جو تعاون حوصلي جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن کي گڏيل مقصدن جي لاءِ تعاون جي تجديد ۽ اضافي جي لاءِ انهن ڪاميابين تي لاڳاپن کي قائم ڪرڻ گهرجي، صدر چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي خراب حالت پوري قوم جي لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لاڳيتو ڀارتي حڪومتن جي ناجائز قبضي، ڏاڍ ۽ انساني حقن جي وحشياڻي خلاف ورزين جو شڪار آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندو، اسان ڪشميري عوام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جي خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪري، مظلومن جي آواز کي خاموش نه ٿو ڪري سگهجي ۽ پاڪستان ان مسئلي کي هر عالمي فورم تي اٿاريندو رهندو، فلسطين ۾ سلسليوار تباهي دنيا جي فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، فلسطيني عوام مسلسل تشدد، لڏپلاڻ، نسل ڪشي ۽ ڏاڍ کي برداشت ڪري رهي آهي، پاڪستان فلسطيني ڪاز جي لاءِ پرعزم آهي، عالمي قانون ۽ فلسطيني عوام جي امنگن تي ٻڌل منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي مطالبي تي قائم آهي، اسان جو موقف واضح ۽ پختو آهي، هڪ آزاد، خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. هن ايوان جو ڌيان فيڊريشن جي لاءِ هڪ ڳڻتي جوڳي معاملي طرف ڇڪرائيندي چيو ته پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان مون کي چئني صوبائي اسيمبلين، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان چونڊيو آهي، آئيني فريم ورڪ ۾ فيڊريشن جي نمائندگي منهنجو فرض آهي، مشڪل ترين حالتن ۾ جڏهن منهنجي گهرواريءَ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته مون ”پاڪستان کپي“ جو نعرو لڳايو، منهنجي لاءِ پاڪستان سدائين پهرين اچي ٿو، توهان جي صدر جي حيثيت سان منهنجو آئيني فرض آهي، محب وطن پاڪستاني جي حيثيت سان منهنجي ذاتي ذميواري آهي ته آئون ايوان ۽ حڪومت کي خبردار ڪريان ته توهان جون ڪجهه هڪطرفيون پاليسيون وفاق تي شديد دٻاءُ جو سبب بڻجي رهيون آهن، خاص طور تي وفاقي ڌُرين جي شديد مخالفتن جي باوجود حڪومت جو سنڌو درياءَ جي نظام مان وڌيڪ واهه ڪڍڻ جي هڪ طرفي تجويز جي بطور صدر آئون حمايت نٿو ڪري سگهان، آئون هن حڪومت کي درخواست ڪريان ٿو ته اها ان موجوده تجويز کي ختم ڪري، سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪري ته جيئن وفاق جي ڌُرين جي وچ ۾ متفقه اتفاق راءِ جي بنياد تي قابل عمل، پائيدار حل ڪڍي سگهجي. صدر چيو ته ايوان پارليامينٽ کي مليل ذميواري کي پورو ڪري، قوم جي تعمير، ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اچو قومي مفاد کي مٿانهون رکون ۽ ذاتي ۽ سياسي اختلافن کي هڪ طرف رکون، اچو اسان پنهنجي معيشت کي بحال ڪرڻ، پنهنجي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، اچو اسان هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريون جيڪو منصفاڻو، خوشحال ۽ گهڻ رخُو هجي، اچو هن پارلياماني سال جو بهترين استعمال ڪريون.