اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) خالد مگسيءَ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير طور عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي. وزارت پهچڻ تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي سيڪريٽري ساجد بلوچ وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير خالد مگسي سائنس واري وزارت جي ماتحت ادارن جي سربراهن سان به ملاقات ڪئي. وزارت جي اعليٰ عملدارن وفاقي وزير کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وزارت جي معاملن تي بريفنگ ڏني.