اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀائرن ۽ ڀينرن جي خراب حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لاڳيتو ڀارتي حڪومتن جي ناجائز قبضي، ڏاڍ ۽ انساني حقن جي وحشياڻي خلاف ورزين جو شڪار آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته اسان ڪشميري عوام جي لاءِ پنهنجي پختي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارتي قابض فوجن جي ظلمن جي خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪري، مطلومن جي آواز کي خاموش نٿو ڪري سگهجي ۽ پاڪستان ان مسئلي کي هر عالمي فورم تي اٿاريندو رهندو.