اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان علائقائي امن، استحڪام ۽ اقتصادي انضمام جي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي پرڏيهي پاليسي سدائين قومي مفادن، عالمي تعاون، خودمختياري ۽ گڏيل احترام جي اصولن تي ٻڌل رهندي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته اسان کي دوست علائقائي ملڪن سان واپار، معيشت، ماحول ۽ ثقافت جي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ گهرجي، اسان هڪ ذميوار ۽ امن پسند قوم جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. هن چيو ته چين سان اسان جا لاڳاپا اسان جي سفارتڪاري جو سنگ بنياد آهن، اسان بيجنگ سان اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا رهنداسين، اسان چين سان پنهنجي آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين ۽ ون چائنا پاليسي جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي قابل اعتماد دوستن، سعودي عرب، گڏيل عرب اماراتن، ترڪيه ۽ ٻين جي تعاون کي دل جي گهراين سان ساراهيون ٿا، دوست ملڪ اقتصادي چئلينجن جي وقت اسان سان گڏ بيٺل رهيا، اسان نار ۽ وچ ايشيا جي دوست ملڪن سان گڏوگڏ يورپي يونين، برطانيا ۽ آمريڪا سان پنهنجي پراڻي تاريخي، ثقافتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو ڪامياب دهشتگردي جي خاتمي جو تعاون حوصلي جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن کي گڏيل مقصدن جي لاءِ تعاون جي تجديد ۽ اضافي جي لاءِ انهن ڪاميابين تي لاڳاپن کي قائم ڪرڻ گهرجي.