ڪراچي- 10 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان چيئرمين ڪميونٽي پوليسنگ ڪراچي مراد سوهني ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ گورنر هائوس جي سيڪيورٽي سان گڏوگڏ ٽريفڪ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ روڊ سيفٽي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب ان موقعي تي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گورنر هائوس ۾ اچ وڃ کي محفوظ بنائڻ لاءِ به موبائيل تي جديد نمبر پليٽ ريڪگنيشن سسٽم لڳايو ويو آهي جيڪو 30 سيڪنڊن ۾ ڪنهن به گاڏي جي ڏوهن جي سڃاڻپ ۽ فوري رپورٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان کان علاوه تلاش ايپ به لڳايا ويا آهن، جيڪي بايوميٽرڪس وسيلي علائقي ۾ ڏوهاري سرگرمين ۽ شڪي ماڻهن جو پتو لڳائيندا آهن جڏهن ته جديد ڪئميرائيون به لڳايون ويون آهن جيڪي سيڪيورٽي جي نگراني کي وڌيڪ اثرائتو بڻائن ٿيون. چيئرمين ڪميونٽي پوليسنگ مراد سوهني گورنر کي ٽريفڪ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ روڊ سيفٽي جي قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته ان سان شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني بهتر ٿيندي ۽ رستن تي حادثن جي تعداد ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته انهن قدمن سان ڪراچي سوڌو گورنر هائوس جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.