ڪراچي- 10 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ٿر بلاڪ ون ۾ ڪم ڪندڙ سائنو سنڌ (شنگھائي اليڪٽرڪ) کي مقامي ماڻهن جي ڀرتي کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ ان کي مقامي سياسي، سماجي ۽ معزز شخصيتن جي خدشن کي دور ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائنو سنڌ (شنگھائي اليڪٽرڪ) جي سي اي او سان سندس آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪمپني، باغباني، سيڪيورٽي، صفائي، پاڻي نيڪال ڪرڻ، پمپنگ ۽ سار سنڀال جي مختلف حصن ذريعي، سولر پلانٽ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو به اهو ئي ويزن آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته روزگار ۽ مائڪرو فنانسنگ ذريعي مقامي عورتن ۽ مردن کي معاشي طور تي بااختيار بڻايو وڃي. وزير توانائي چيو ته سائنو سنڌ کي پنهنجي تنظيم ۾ ڪم ڪندڙ سڀني مقامي ماڻهن جي صحت ۽ حفاظت جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجن. سي اي او سينو سنڌ توانائي واري وزير کي هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي سنڌ جي توانائي کاتي جو سيڪريٽري مصدق احمد خان پڻ موجود هو.